5 اي يعقوب، تنهنجا تنبو، ۽ اي اسرائيل، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ چڱا آهن!
5 اي بني يعقوب! اوهان جا خيما ڪيڏا نہ چڱا آهن، اي بني اسرائيل! اوهان جي رهائشگاهہ ڪيڏي نہ سٺي آهي!
ڇالاءِ جو هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ سان بني اسرائيل جي استقبال لاءِ نہ آيا، پر اُٽلندو هنن کي لعنت وجهڻ لاءِ بلعام کي ڀاڙي ڪيائون؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند انهيءَ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو.
منهنجي جان خداوند جي درگاهہ لاءِ ڏاڍي پيئي سڪي، هائو، هن لاءِ بيحال آهي؛ منهنجي دل ۽ منهنجو جسم ٻئي زندہ خدا کي پيا پڪارين.
عبادت جي خيمي، يعني شاهديءَ جي خيمي جو تفصيل اهو آهي: جيڪي شيون موسيٰ جي حڪم موجب لاوين جي خدمت لاءِ هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿان شمار ڪيون ويون،
اي منهنجي پياري، تون بلڪل خوبصورت آهين، ۽ تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.
اي منهنجي پياري تون ترضاہ جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم جهڙي خوبصورت آهين، ۽ خوفناڪ اهڙي آهين جهڙو جهنڊن سان لشڪر.
اوهين ستن ڏينهن تائين تنبن ۾ رهجو؛ جيڪي اسرائيل جي نسل جا هجن، سي سڀ تنبن ۾ رهن:
خداوند، اُنهي ماڻهوءَ کي، جو اهڙو ڪم ٿو ڪري، وڍي ڇڏيندو، يعني جيڪو يهوداہ جي تنبن ۾ جاڳندڙ آهي ۽ جواب ڏئي ٿو، ۽ جيڪو لشڪرن جي خداوند لاءِ نذرانو ٿو پيش ڪري.
سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.
۽ بلعام پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اسرائيلين کي پنهنجن قبيلن موجب رهندو ڏٺائين؛ اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو.
جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ سجدي ۾ ليٽي، کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:
اهي اهڙا تہ پکڙيل آهن، جهڙيون ماٿريون، ۽ جهڙا ندين جي ڪنارن وارا باغ، ۽ جهڙا خداوند جا پوکيل عود جا ٻوٽا، ۽ پاڻيءَ جي ڀر وارا سرو جا وڻ.
اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.
پر مون بلعام جي ڳالهہ نہ مڃي؛ تنهنڪري هو اوهان جي حق ۾ برڪت ڏيندو رهيو: انهيءَ طرح مون اوهان کي انهيءَ جي هٿن مان ڇڏايو.