Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 24:4 - Sindhi Bible

4 جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ سجدي ۾ ليٽي، کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو، ۽ خدا جو فرمان ٻڌي پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 24:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


۽ سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ آئي ۽ ڏسو، هڪڙي هيبتناڪ اوندهہ مٿس ڇانئجي ويئي.


۽ هن چيو تہ مون ساري اسرائيل کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کانسواءِ رڍون ٿينديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ هنن مان هرڪو صحيح سلامت پنهنجي گهر هليو وڃي.


تڏهن تو پنهنجي مقدسن کي رويا ۾ فرمايو، ۽ چيو تہ مون هڪڙي زور واري کي مددگار ٺهرايو آهي؛ ۽ اُمت مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو اٿم.


آس پاس واري روشنائي اهڙي ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙي مينهن واري ڏينهن ڪڪر ۾ ڪمان جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي. خداوند جي جلال جي شڪل اهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ مون هڪڙي ڳالهائيندڙ جو آواز ٻڌو.


تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس.


پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج.


تڏهن خداوند بلعام جون اکيون کوليون، ۽ هن خدا جي فرشتي کي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو، تنهن تي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، سجدو ڪيو.


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ: بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:


اي يعقوب، تنهنجا تنبو، ۽ اي اسرائيل، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ چڱا آهن!


پوءِ اچي بُک لڳيس، سو ڀانيائين تہ ڪي کان: پر اڃا هنن تياري پئي ڪئي، تہ هو وجد ۾ اچي ويو؛


۽ اڃا پطرس انهيءَ رويا تي خيال پئي ڪيو.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن آئون يروشلم ۾ آيس ۽ هيڪل ۾ دعا پئي گهُريم، تڏهن آئون بيخود ٿي ويس،


خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.


۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،


۽ هن بہ پنهنجا ڪپڙا لاهي اُڇلائي ڇڏيا، ۽ سموئيل جي اڳيان نبوت ڪرڻ لڳو، ۽ اُهو سارو ڏينهن، ۽ اُها ساري رات اُگهاڙو پيو هو. تنهنڪري چوڻي ٿي وئي، تہ سائول بہ نبين ۾ آهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ