Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 24:24 - Sindhi Bible

24 پر ڪتيم جي ڪناري کان جهاز ايندا، ۽ اهي اسور ۽ عبر، ٻنهي کي ڏک ڏيندا: پوءِ هو پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 قبرص ٻيٽ جا لشڪر سامونڊي جهازن ۾ ايندا، اهي اشور ۽ عبر ٻنهي کي شڪست ڏيئي عاجز ڪندا، پر آخرڪار قبرص ٻيٽ وارا پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 24:24
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ياوان جا پٽ هئا السيہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.


تڏهن هڪڙو ماڻهو جنهن ڀڄي جند ڇڏائي هئي، تنهن اچي ابرام عبرانيءَ کي خبر ڏني، جو انهيءَ وقت اسڪال ۽ عانير جي ڀاءُ، ممري اموريءَ جي بلوطن جي وڻن وٽ رهندو هو؛ ۽ هنن جو ابرام سان عهدنامو ڪيل هو.


تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.


اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،


صور بابت ڪلام. اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي.


تنهنجا ونجهہ هنن بسن جي شاهہ بلوطن مان جوڙيا آهن؛ ۽ تنهنجا ويهڻ جا صندل ڪتيم جي ٻيٽن مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي، انهي ۾ عاج جَڙي ٺاهيا اٿن.


تڏهن هن چيو تہ توکي خبر آهي يا نہ تہ آءٌ ڇالاءِ هتي آيو آهيان؟ هاڻي آءٌ فارس جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويندس: ۽ جڏهن آءٌ نڪري اڳيان ويندس، تڏهن ڏس، يونان جو بادشاهہ ايندو.


ڇالاءِ جو ڪتيم جا جهاز مٿس ڪاهي ايندا؛ تنهنڪري هو غمگين ٿي موٽندو، ۽ پاڪ عهد اقرار تي ڪاوڙ ايندس، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان ڪم ڪندو: بلڪ هو موٽندو، ۽ جيڪي اُهو پاڪ عهد اقرار ڇڏي ڏيندا، تن سان سازش ڪندو.


۽ هو سمنڊ ۽ جلال واري پاڪ جبل جي وچ ۾ پنهنجي محلات جا تنبو کوڙيندو؛ انهي هوندي بہ نيٺ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو، ۽ ڪوبہ مدد نہ ڪندس.


پوءِ اهو لوهہ، مٽي، پتل، چاندي ۽ سون گڏجي ڀڄي ڀري پيا، ۽ آرڙهہ جي اَن ڳاهڻ وارن پِڙن جي تهن وانگي ٿي پيا؛ ۽ انهن کي واءُ اُڏائي ويو، اهڙو جو انهن جو پتو ئي ڪونہ پيو: ۽ جيڪو پهڻ انهيءَ مورت کي لڳو هو سو هڪڙو وڏو جبل ٿي پيو، ۽ سڄي زمين ڀري ڇڏيائين.


جيئن تو ڏٺو تہ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ جبل مان وڍجي نڪري آيو ۽ انهي لوهہ، پتل، مٽي، چاندي ۽ سون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو؛ تيئن عظيم خدا، بادشاهہ کي اُهو ڪجهہ ڏيکاريو آهي جو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي: ۽ اهو خواب سچو آهي، ۽ اُن جو تعبير بہ يقيني آهي.


۽ بجن وارو ٻڪر، يونان جو بادشاهہ آهي: ۽ وڏو سڱ جو هن جي اکين جي وچ ۾ آهي، سو پهريون بادشاهہ آهي.


پوءِ هن عماليقين ڏانهن نهاريو، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪيائين ۽ چوڻ لڳو تہ: عماليق قومن ۾ پهريون هو؛ پر هن جي پڇاڙي نيست ٿيندي.


۽ هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چيائين تہ: افسوس جڏهن خدا ائين ڪندو تڏهن ڪير جيئرو رهندو؟


تنهنڪري جڏهن اوهين ڏسو، تہ اُها ويران ڪندڙ ۽ بڇان ڏيندڙ شيءِ پاڪ جاءِ ۾ بيٺي آهي جنهن بابت داني ايل نبي چئي ويو آهي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)،


مون کي دينار ڏيکاريو، انهي تي ڪنهن جي شڪل ۽ ڪنهن جا اکر آهن؟ هنن چيو تہ قيصر جا.


جي اسين ائين ئي ڇڏي ڏينداسونس تہ سڀ ماڻهو وڃي مٿس ايمان آڻيندا: پوءِ تہ رومي اچي اسان جي جڳهہ ۽ قوم تي قبضو ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ