Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 24:20 - Sindhi Bible

20 پوءِ هن عماليقين ڏانهن نهاريو، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪيائين ۽ چوڻ لڳو تہ: عماليق قومن ۾ پهريون هو؛ پر هن جي پڇاڙي نيست ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو، جيڪا سڀ کان طاقتور آهي، پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 24:20
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عيسوءَ جي پٽ اليفز جي سريت تمنع نالي هئي، تنهن کي اليفز مان عماليق ڄائو: اهي آهن عيسوءَ جي زال عدہ جا پٽ.


۽ جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري پاڻ اتي رهڻ لڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اُتي رهندا اچن.


انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.


۽ بادشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو؛ ۽ سوسن ۾ اهڙو فرمان جاري ٿي ويو؛ ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا ويا.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.


۽ چيائين تہ خداوند قسم کنيو آهي تہ خداوند عماليق سان پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.


پوءِ عماليقي آيا، ۽ رفيديم ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪيائون.


يعقوب مان هڪڙو بادشاهي ڪندو، ۽ جيڪي شهر ۾ رهجي ويندا تن کي برباد ڪندو.


پر ڪتيم جي ڪناري کان جهاز ايندا، ۽ اهي اسور ۽ عبر، ٻنهي کي ڏک ڏيندا: پوءِ هو پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.


پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.


۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن اسرائيلي ڪجهہ پوکيندا هئا تہ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي وارا ماڻهو چڙهي ايندا هئا؛ ۽ اچي ساڻن وڙهندا هئا؛


۽ هن بهادري جا ڪم ڪيا، ۽ عماليقين کي ماريائين، ۽ اسرائيل کي انهن جي هٿان ڇڏايائين، جن هنن کي ڦريو ۽ لٽيو ٿي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي عماليق اسرائيل سان ڪيو سو مون ڏٺو آهي، يعني جڏهن هو مصر مان نڪتو هو تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح رستي ۾ هن سان وڙهڻ جي لاءِ ويٺو هو.


۽ هيئن ٿيو تہ ٽئين ڏينهن جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو صقلاج ۾ آيا، تڏهن عماليقين ڏکڻ تي ۽ صقلاج تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ صقلاج کي ڦري لٽي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيو هئائون؛


۽ دائود پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو: ۽ چئن سوَن جوان ماڻهن کان سواءِ جي اُٺن تي چڙهي اُٿي ڀڳا، انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ