Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 24:19 - Sindhi Bible

19 يعقوب مان هڪڙو بادشاهي ڪندو، ۽ جيڪي شهر ۾ رهجي ويندا تن کي برباد ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 بني يعقوب جو اهو بادشاهہ پنهنجي حڪمراني قائم ڪندو، ۽ ادوم جي شهرن ۾ بچي ويل دشمنن کي برباد ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 24:19
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


۽ هو خداوند جي طاقت سان ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي وڏائيءَ سان بيهي پنهنجو ڌڻ چاريندو: ۽ اُهي اُتي قائم ٿيندا، ڇالاءِ جو هاڻي هو زمين جي ڪنارن تائين بزرگ ٿيندو.


هن جا دشمن، ادوم ۽ شعير، ٻئي هن جي قبضي ۾ ايندا، ۽ اسرائيل بهادري ڪندو.


پوءِ هن عماليقين ڏانهن نهاريو، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪيائين ۽ چوڻ لڳو تہ: عماليق قومن ۾ پهريون هو؛ پر هن جي پڇاڙي نيست ٿيندي.


۽ انهن کي هميشہ جي سزا ملندي: پر راستبازن کي هميشہ جي زندگي.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


تنهن تي هن چيو تہ هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن ٿي ويو، تہ اُتان پنهنجي لاءِ بادشاهت وٺي موٽي.


ٻيو تہ منهنجا اُهي دشمن، جن جي مرضي نہ هئي تہ آئون مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو، ۽ منهنجي سامهون انهن کي قتل ڪريو.


ڇالاءِ جو جيستائين هو پنهنجن سڀني دشمنن کي پنهنجي پيرن هيٺ نہ آڻيندو، تيستائين هو ضرور بادشاهي ڪندو.


مگر فرزند جي بابت چوي ٿو تہ ”اي خدا، تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي ۽ تنهنجي بادشاهت جو عصو سچائيءَ جو عصو آهي.


هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


۽ سندس پوشاڪ تي ۽ رانن تي هي نالو لکيل هو: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ