Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 24:18 - Sindhi Bible

18 هن جا دشمن، ادوم ۽ شعير، ٻئي هن جي قبضي ۾ ايندا، ۽ اسرائيل بهادري ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هو پنهنجي ادومي دشمنن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو، ۽ انهن جو ملڪ سندس ملڪيت ٿيندو. سندس اڳواڻيءَ ۾ بني اسرائيل هميشہ فتحياب ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 24:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.


تون پنهنجيءَ ترار جي زور تي حياتي گذاريندين، ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون زور وٺي آزاد ٿيندين، تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ تان لاهي ڇڏيندين.


۽ يعقوب پنهنجي اڳيان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن ادوم جي ملڪ واري شعير جي سرزمين ۾ قاصد موڪليا.


۽ هن عدوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا، بلڪ سڄي ادوم ۾؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.


۽ خداوند سليمان جو هڪڙو دشمن هدد ادومي کڙو ڪيو: هو ادوم جي شاهي نسل مان هو.


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود ادوم ۾ هو، ۽ يوآب سپهہ سالار، قتل ٿيلن کي دفن ڪرڻ لاءِ ويو، ۽ ادوم ۾ سڀني مرد ماڻهن کي ماري چٽ ڪيائين:


اي خدا تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، تو اسان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي؛ تون ناراض ٿيو آهين؛ تون وري اسان کي بحال ڪر.


ڇالاءِ جو منهنجي ترار آسمان ۾ پي ڍائي آهي: ڏسو، اها ادوم تي، ۽ منهنجي لعنت پيل اُمت تي عدالت لاءِ نازل ٿيندي.


هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان.


اُنهيءَ ڏينهن دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦٽل هنڌ وري جوڙي ٺاهيندس، ۽ اڳين ڏينهن وانگي اُنهي کي اڏيندس؛


انهي لاءِ تہ جي منهنجي نالي تي سڏجن ٿا سي ادوم جي باقي بچيل حصي جا ۽ سڀني قومن جا هو مالڪ ٿين؛ خداوند، جيڪو اهو سڀ ڪري ٿو، سو ائين ٿو فرمائي.


ڏس، مون توکي قومن ۾ حقير ڪيو آهي: تون تمام گهڻو ڌڪاريل آهين.


پر ادوم جي بادشاهہ هن کي چيو تہ تون منهنجي ملڪ مان متان لنگهين، نہ تہ آءٌ ترار کڻي تنهنجي مقابلي لاءِ نڪرندس.


يعقوب مان هڪڙو بادشاهي ڪندو، ۽ جيڪي شهر ۾ رهجي ويندا تن کي برباد ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ