Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 24:14 - Sindhi Bible

14 هاڻي ڏس، آءٌ پنهنجيءَ قوم ڏانهن وڃان ٿو: تون اچ تہ تو کي اطلاع ڏيان تہ هيءَ قوم تنهنجيءَ قوم سان پوين ڏينهن ۾ ڇا ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 بلعام بلق کي وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ تہ پنهنجي قوم ڏانهن واپس وڃان ٿو. پر وڃڻ کان اڳ ۾ اچو، تہ آءٌ توهان کي آگاهہ ڪريان تہ هيءَ قوم، توهان جي قوم سان ايندڙ ڏينهَن ۾ ڇا ڪندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 24:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب پنهنجن پٽن کي سڏي چيو تہ اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ پوين ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.


۽ هو ائين گڏ ڪيا ويندا جيئن قيدي بهري ۾ گڏ ڪبا آهن، ۽ قيدخاني ۾ بند ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن کان پوءِ انهن جي خبر لهندا.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي هوندي بہ پوئين ڏينهن ۾ آءٌ موآب جا قيدي موٽائي آڻيندس. هيستائين موآب جي عدالت ٿي آهي.


پر خداوند ٿو فرمائي، تہ پوئين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ عيلام جا قيدي موٽائي آڻيندس.


هاڻي آءٌ توکي سمجهائڻ آيو آهيان تہ پوين ڏينهن ۾ تنهنجي قوم تي ڇا ٿي گذرندو: ڇالاءِ جو اهو رويا اڃا گهڻن ڏينهن تائين هلندو.


پر آسمان ۾ هڪڙو خدا آهي جو ڳجهہ ظاهر ٿو ڪري ۽ انهيءَ بادشاهہ نبوڪدنضر کي اُها ڳالهہ ڄاڻائي آهي جا پوين ڏينهن ۾ ٿيندي. تنهنجو خواب، ۽ جيڪي رويا پنهنجي بستري تي پئي تنهنجي مٿي ۾ آيا هئا، سي هي آهن:


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


آءٌ هن کي ڏسان ٿو، پر هاڻي نہ: منهنجي هنن تي نظر پوي ٿي، پر ويجهڙائيءَ ۾ نہ: يعقوب منجهان هڪڙو تارو نڪرندو، ۽ اسرائيل منجهان هڪڙو عصو کڙو ٿيندو، جو موآب جي ڪنڊن کي ماريندو، ۽ سڀني فسادين کي ڀڃي ڇڏيندو.


پوءِ بلعام اُٿي روانو ٿيو، ۽ پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويو، ۽ بلق بہ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.


تہ ”خدا ٿو فرمائي تہ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، جو آئون پنهنجو روح انسان ذات تي نازل ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، ۽ اوهان جا جوان رويا ڏسندا، ۽ اوهان جا پير مرد خواب ڏسندا:


پر هي ڄاڻ تہ آخري زماني ۾ ڏکيا ڏينهن ايندا.


۽ بلعام بن بعور، جو فالون وجهندو هو، سو بہ انهن مان هو، جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو.


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ