Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 24:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هو پنهنجا هٿ ملڻ لڳو: ۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي انهي لاءِ سڏايو هو تہ منهنجن دشمنن تي لعنت ڪرين، پر تو هنن کي ٽي ڀيرا نسوري برڪت ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا هٿ مهٽيندي بلعام کي چيو تہ ”مون تہ تو کي انهيءَ لاءِ سڏايو هو تہ منهنجي دشمنن تي لعنت ڪر، پر تو تہ هنن کي اٽلندو ٽي ڀيرا برڪت ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 24:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ سان بني اسرائيل جي استقبال لاءِ نہ آيا، پر اُٽلندو هنن کي لعنت وجهڻ لاءِ بلعام کي ڀاڙي ڪيائون؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند انهيءَ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو.


ماڻهو هن تي تاڙيون وڄائيندا، ۽ هش هش ڪري هن کي پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندا.


تنهنڪري اي آدمزاد، تون نبوت ڪر، تاڙيون وڄاءِ، ڀلي تہ اُها ترار ٻہ، بلڪ ٽي ڀيرا هلي، جا سخت ڦٽيل جي ترار آهي: اُها ترار جا زبردست جي آهي جو سخت ڦٽيل آهي، سا هنن جي ڪوٺين ۾ گهڙندي.


آءٌ بہ تاڙيون وڄائيندس ۽ پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


تنهنڪري ڏس، جيڪو فائدو تو ڪپت ڪري حاصل ڪيو آهي تنهن تي، ۽ جيڪا خونريزي تو ۾ ٿي آهي تنهن تي، مون پنهنجي هٿ سان ڌڪ هنيو آهي.


ڏس، جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي، تنهن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، هاڻي تون اچي انهن کي لعنت ڪر؛ تہ من آءٌ هنن سان وڙهي سگهان، ۽ کين هڪالي ڪڍان.


ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجو مرتبو وڌائيندس، ۽ جيئن تون مون کي چوندين تيئن ڪندس: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اچي هنن ماڻهن کي لعنت ڪر.


هو مون کان گهڻو زور وارا آهن: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اچي منهنجي خاطر انهن ماڻهن کي لعنت ڪر: تہ من آءٌ مٿن غالب پوان، ۽ کين ماري، هن ملڪ مان هڪالي ڪڍان: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي، ۽ جنهن کي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.


تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ هي تو مون سان ڇا ڪيو؟ مون تو کي پنهنجن دشمنن تي لعنت ڪرڻ لاءِ آندو آهي، پر ڏس تو تہ انهن کي برڪت ئي برڪت ڏني آهي.


سو هاڻي تون پنهنجي ملڪ ۾ ڀڄي وڃ: منهنجو خيال هو تہ تنهنجو مرتبو وڌايان؛ پر ڏس، خداوند توکي مرتبي کان روڪي ڇڏيو.


هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.


۽ ٽي ڀيرا ائين ئي ٿيو؛ پوءِ اُهي سڀيئي شيون آسمان ڏانهن کڄي ويون.


تون پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ هنن جو سک يا آرام نہ ڳولج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ