Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ: موآب جي بادشاهہ مون کي سوريہ مان گهرايو، يعني اُڀرندي وارن جبلن مان گهرايو آهي: تہ اچي منهنجي خاطر يعقوب کي لعنت ڪر، ۽ اچي اسرائيل جي حقارت ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق مون کي ارام ملڪ مان گھرايو. هائو، هن مون کي اوڀر واري جابلو علائقي مان سڏايو. هن چيو تہ ’اچ ۽ منهنجي خاطر بني يعقوب تي اچي لعنت ڪر، هائو، اچ ۽ منهنجي واسطي بني اسرائيل کي اچي ملامت ڪر.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:7
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سم جا پٽ هئا، عيلام، اسور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.


اٿي فدان ارام ۾ پنهنجي ناني بيتوايل جي گهر وڃ، ۽ اتي پنهنجي مامي لابن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان شادي ڪج.


۽ يعقوب پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃي فدان ارام ڏانهن ويو آهي،


۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي وڙهڻ لاءِ هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو.


انهيءَ کان پوءِ اليعزر بن دودي هو، جو هڪڙي اخوحي جو پٽ هو، جو دائود جي ٽن پهلوانن مان هڪڙو هو، جڏهن اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا هئا تڏهن هو جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي سامهون پيو.


۽ ايوب وري بہ پنهنجو مثل شروع ڪيو ۽ چيو تہ:


۽ ايوب وري بہ پنهنجو مثل شروع ڪيو ۽ چيائين تہ:


مصيبت جي ڏينهن ۾ آءٌ ڊپ ڇو ڪريان؟ يا جڏهن بڇڙائي منهنجي پٺيان پئي مون کي گهيريندي؟


آءٌ مثلن ۾ ڪلام ڪندس؛ ۽ قديم زماني جون ڳجهارتون ٻڌائيندس.


جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي.


اي آدمزاد، هڪڙي پرولي ڪڍ ۽ اسرائيل جي گهراڻي کي اهڙو مثال ٻڌاءِ؛


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، خداوند خدا! هو منهنجي نسبت ۾ چون ٿا تہ هي مثالن ٻڌائڻ وارو ناهي ڇا؟


انهيءَ ڏينهن هو تنهنجي برخلاف هڪڙو مثال کڻندا، ۽ مرثيو کڻي ماتم ڪندا، ۽ چوندا تہ اسين بلڪل لُٽجي ويا آهيون: هو منهنجي قوم جو حصو ٿو ڦيرائي، ۽ اهو ڪيئن نہ مون کان پري کڻي ٿو وڃي. هو اسان جون ٻنيون فسادين کي ورهائي ڏئي ٿو.


هي سڀ هن جي برخلاف هڪڙو مثال ۽ هڪڙي ملامت جهڙو پهاڪو نہ کڻندا ڇا، ۽ چوندا تہ ويل هجي انهي سان، جو ٻين جي مال تي پاڻ کي ٿو وڌائي! پر اِهو ڪيستائين ٿيندو؟ ۽ جو پاڻ کي گروي ڏنل شين سان ڀري ٿو!


ڏس، جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي، تنهن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، هاڻي تون اچي انهن کي لعنت ڪر؛ تہ من آءٌ هنن سان وڙهي سگهان، ۽ کين هڪالي ڪڍان.


ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجو مرتبو وڌائيندس، ۽ جيئن تون مون کي چوندين تيئن ڪندس: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اچي هنن ماڻهن کي لعنت ڪر.


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ، اُٿ اي بلق ۽ ٻڌ: اي صفور جا پٽ مون ڏانهن ڪن ڏي:


تنهن تي هو انهي وٽ موٽي آيو، ۽ ڏسي تہ هو پنهنجيءَ سوختني قرباني جي ڀر ۾ بيٺو آهي، ۽ موآب جا سڀ سردار بہ ساڻس گڏ آهن.


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ: بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:


پوءِ وري قينين تي نظر ڪيائين، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪري چوڻ لڳو تہ: تنهنجي رهڻ جي جاءِ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو آکيرو ٽڪر تي بنايو ويو آهي.


۽ هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چيائين تہ: افسوس جڏهن خدا ائين ڪندو تڏهن ڪير جيئرو رهندو؟


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو: بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:


وري هن ٻيو مثال چئي ٻڌاين، تہ آسمان جي بادشاهت خمير مثل آهي، جو ڪنهن زال کڻي اٽي جي ٽن ماڻن ۾ ملايو، تان جو اُهو سڀ خميرجي پيو.


انهي لاءِ تہ جيڪي نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ ”آئون مثالن ٻُڌائڻ لاءِ پنهنجو وات کوليندس؛ آئون اُهي ڳالهيون ڳالهائيندس، جي دنيا جي بنياد کان وٺي ڳجهيون هيون.“


تنهن تي هو کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو سهي ڪيو هئائون تہ هي مثال اسان تي آندو اٿس، پر خلق کان ڊنا ٿي؛ ۽ هو کيس ڇڏي هليا ويا.


ڇالاءِ تہ جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن اهي ماني ۽ پاڻي کڻي اوهان کي رستي ۾ نہ اچي گڏيا؛ پر اُٽلندو بعور جي پٽ بلعام کي، مسوپوتاميہ جي شهر فتور مان پئسا ڏيئي وٺي آيا، تہ توتي لعنت وجهي.


۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون.


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


تڏهن دائود فلستيءَ کي چيو تہ تون مون تي ترار، ۽ نيزو، ۽ بڻڇي کڻي ٿو اچين، پر آءٌ توتي لشڪرن جي خدا، اسرائيل جي لشڪرن جي خدا جي نالي سان ٿو اچان، جنهن کي تو هاڪاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ