Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:5 - Sindhi Bible

5 تڏهن خداوند بلعام کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس، تہ بلق وٽ موٽي وڃ ۽ هيئن وڃي چويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن خداوند بلعام جي وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وڌي ۽ چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون ساڻس گفتگو ڪري، هي سڀ ڳالهيون کيس ٻڌائج؛ آءٌ تنهنجي ۽ هن جي ڳالهين سان هوندس، ۽ اوهان کي سيکاريندس تہ ڇا ڇا ڪريو.


دل جون تياريون ماڻهوءَ جي بِلي آهن: پر زبان جو جواب خداوند وٽان آهي.


ماڻهو جي دل سندس رستو رٿي ٿي: پر خداوند ان جي قدمن کي هلائي ٿو.


مون پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، ۽ توکي پنهنجي هٿ جي پاڇي سان ڍڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ آسمانن کي قائم ڪريان، ۽ زمين جو بنياد وجهان، ۽ صيون کي چوان تہ تون منهنجي اُمت آهين.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن سان منهنجو هي عهد آهي، تہ منهنجو روح جو توتي آهي، ۽ منهنجو ڪلام جو مون تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، سو تنهنجي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي اولاد جي وات مان، اڄ کان وٺي هميشہ تائين ڪين نڪرندو، خداوند ٿو فرمائي.


تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:


پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج.


پر خداوند جي فرشتي بلعام کي چيو، تہ تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ: پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان سا ئي تون ٻڌائج. سو بلعام بلق جي سردارن سان گڏجي ويو.


۽ خداوند بلعام کي گڏيو، ۽ هن کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌايائين، ۽ چيائينس تہ بلق وٽ موٽي وڃ، ۽ هيئن وڃي چويس.


۽ خدا بلعام کي گڏيو: ۽ هن چيس، تہ مون ست قربانگاهون تيار ڪيون آهن، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهي اٿم.


تنهن تي هو انهي وٽ موٽي آيو، ۽ ڏسي تہ هو پنهنجيءَ سوختني قرباني جي ڀر ۾ بيٺو آهي، ۽ موآب جا سڀ سردار بہ ساڻس گڏ آهن.


ڇالاءِ جو جيڪي اوهان کي چوڻ کپي سو پاڪ روح اُنهي ئي گهڙيءَ اوهان کي سيکاريندو.


هاڻي اهو جو هن چيو سو پاڻو نہ چيائين: پر هو جو انهي ورهيہ جو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري نبوت جي طور چيائين تہ يسوع کي هن قوم لاءِ مرڻ گهرجي؛


آءٌ هنن جي لاءِ سندن ڀائرن منجهان تو جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو ڪلام انهي جي وات ۾ وجهندس، جيڪي آءٌ هن کي فرمائيندس، سو هو هنن کي ٻڌائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ