Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:4 - Sindhi Bible

4 ۽ خدا بلعام کي گڏيو: ۽ هن چيس، تہ مون ست قربانگاهون تيار ڪيون آهن، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهي اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خدا ساڻس مليو ۽ بلعام خدا کي چيو تہ ”مون ست قربان‌گاهون تيار ڪيون آهن ۽ هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي اٿم.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج.


۽ خدا بلعام وٽ اچي چيو تہ تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟


پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ، هتي منهنجي لاءِ ست قربانگاهون جوڙاءِ، ۽ هتي منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گهٽا تيار ڪر.


۽ خداوند بلعام کي گڏيو، ۽ هن کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌايائين، ۽ چيائينس تہ بلق وٽ موٽي وڃ، ۽ هيئن وڃي چويس.


پوءِ بلعام بلق کي چيو، تہ تون هتي پنهنجي سوختني قربانيءَ وٽ بيهہ، تہ آءٌ وڃان؛ شايد خداوند مون کي گڏجڻ لاءِ اچي: ۽ جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توکي ٻڌائيندس. ۽ هو هڪڙيءَ ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو.


تڏهن خداوند بلعام کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس، تہ بلق وٽ موٽي وڃ ۽ هيئن وڃي چويس.


اسان جن سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ اُس سَٺي، تن کي تو هنن پوئين جي برابر ڪيو آهي، جن فقط هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪيو.


آئون هفتي ۾ ٻہ لڱا روزو ٿو رکان، ۽ ڪمائيءَ جو ڏهون حصو خيرات ٿو ڪريان.


هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.


تڏهن فخر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڪوبہ نہ، ڪهڙي قسم جي شريعت ڪري؟ ڇا عملن جي شريعت جي ڪري؟ نہ، پر ايمان جي شريعت جي ڪري.


نہ عملن جي ڪري، متان ڪوبہ فخر ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ