Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:24 - Sindhi Bible

24 ڏس، هيءَ قوم شينهڻ وانگر اُٿي ٿي، ۽ شينهن وانگي پاڻ کي کڙو ٿي ڪري: هوءَ تيسين ڪين سمهندي، جيسين شڪار مان ڪجهہ نہ کائي، ۽ مقتول جو رت نہ پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ڏس، بني اسرائيل زورآور شينهڻ جيان اُٿي کڙا ٿيا آهن، اهڙي شينهڻ جيان جيڪا تيستائين آرام نہ ٿي ڪري جيستائين شڪار کي نہ ٿي ڳڙڪائي ۽ انهيءَ جو رت نہ ٿي پيئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:24
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بنيمين هڪڙو بگهڙ آهي، جو ڦاڙيندو وتي: هو صبح جو شڪار کائيندو، ۽ سانجهيءَ جو لٽ جو مال ورهائيندو.


يهوداہ شينهن جو ٻچو آهي؛ اي منهنجا پٽ، تون شڪار تان آيو آهين: هو شينهن وانگي ۽ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ڪير هن کي اُٿاريندو؟


۽ اُتي ٻارهن شينهن ڇهن ڏاڪن جي مٿان هڪڙي پاسي ۽ ٻئي پاسي بيٺل هئا: انهيءَ جهڙو ڪنهن بہ بادشاهت ۾ ڪونہ جڙيو.


۽ اُنهيءَ تخت تي پير رکڻ جي سوني صندليءَ سميت ڇهہ ڏاڪا هئا، جي تخت سان ڳنڍيل هئا، ۽ ويهڻ جي جاءِ جي ٻنهي پاسن کان ٽيڪون هيون، ۽ ٽيڪن جي ڀرسان ٻہ شينهن بيٺل هئا.


هو انهي شينهن وانگر آهي، جنهن کي شڪار جي لالچ هجي، ۽ جو جوان شينهن وانگر ڳجهي هنڌ ڇپ هڻي ويهي ٿو.


شينهن، جو جانورن ۾ تمام زور وارو آهي، ۽ ڪنهن بہ شيءِ ڪري منهن ڦيرڻ وارو ناهي:


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ جڏهن شينهن يا سندس ٻچو پنهنجي شڪار تي گوڙ ٿو ڪري، تڏهن جي ڌنارن جي ٽولي انهن سان وڙهڻ جي لاءِ سڏبي تہ انهن جي هل تي هو ڊڄي ڪونہ ويندو، نڪي انهن جي آواز تي دهلجي ويندو: تيئن لشڪرن جو خداوند صيون جبل تي انهيءَ جي ٽڪريءَ تي وڙهڻ لاءِ لهي ايندو.


۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.


شينهن گجيو آهي، ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، ڪير نبوت نہ ڪندو؟


شينهن جو غار، ۽ ننڍي شينهن جي کارائڻ جي جاءِ ڪٿي آهي، جتي شينهن ۽ شينهڻ ۽ سندن ٻچڙا گهمندا هئا، ۽ ڪنهن بہ انهن کي نٿي ڊيڄاريو؟


شينهن پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڪافي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ شينهڻ لاءِ جهلي رکيو، ۽ پنهنجا غار شڪار سان، ۽ پنهنجون لڪڻ جون جايون ڦاڙيلن سان ڀري ڇڏيون.


انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي سردارن کي ڪاٺين ۾ ٻرندڙ باهہ وانگر، ۽ گڏن ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ۽ چوڌاري قومن کي ڳڙڪائي ويندا: پر يروشلم جا رهاڪو وري پنهنجي جاءِ تي، يعني يروشلم ۾ رهندا.


تڏهن بلق بلعام کي چيو، تہ تون انهن تي اصل لعنت نہ ڪر ۽ نڪي انهن کي برڪت ڏي.


آءٌ هن کي ڏسان ٿو، پر هاڻي نہ: منهنجي هنن تي نظر پوي ٿي، پر ويجهڙائيءَ ۾ نہ: يعقوب منجهان هڪڙو تارو نڪرندو، ۽ اسرائيل منجهان هڪڙو عصو کڙو ٿيندو، جو موآب جي ڪنڊن کي ماريندو، ۽ سڀني فسادين کي ڀڃي ڇڏيندو.


جد جي بابت هن چيو، تہ جيڪو جد کي وڌائي سو شل مبارڪ هجي: هو شينهڻ وانگر ٿو رهي، ۽ ٻانهن کي، بلڪ مٿي جي چوٽيءَ کي ڦاڙيو ڇڏي.


تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ روءُ نہ: ڏس، هو شينهن، جو يهوداهہ جي قبيلي جو آهي، ۽ دائود جي نسل مان آهي، سو ئي غالب پيو آهي ۽ اهو ڪتاب ۽ انهي جون ست مهرون کولي ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ