Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:23 - Sindhi Bible

23 يقين آهي تہ يعقوب تي ڪو جادو ڪونہ هلندو، نڪي اسرائيل تي ڪنهن فال جو اثر ٿيندو: بلڪ يعقوب ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ هاڻي ائين چوڻ ۾ ايندو، تہ خدا ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 سو بني يعقوب تي ڪوبہ جادو ڪين هلندو، نڪي بني اسرائيل تي ڪنهن فال جو ڪو اثر ئي ٿيندو. بلڪ مٿن انهن ڳالهين جو اثر نہ ٿيندو ڏسي هر ڪو چوندو تہ ’واہ، خدا پنهنجي قوم لاءِ ڇا ڇا نہ ڪيو آهي!‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:23
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.


جن کي تنهنجو ڊپ آهي، تن لاءِ ڪهڙي نہ وڏي ڀلائي تو گڏ ڪري رکي آهي، جا تو بني آدم جي اڳيان پنهنجي ايماندارن لاءِ ظاهر ڪئي آهي.


۽ سڀ ماڻهو ڊڄندا؛ ۽ خدا جي ڪمن جو بيان ڪندا، ۽ هن جي ڪمن کي چڱيءَ طرح سمجهندا.


ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو بابل جو بادشاهہ رستي جي ڌار ٿيڻ واري هنڌ، يعني ٻن رستن جي چوٽيءَ وٽ، فال وجهڻ لاءِ بيٺو آهي؛ هن تيرن کي لوڏيو، هن تيرافيم کان پڇا ڪئي، هن جگر ۾ نظر ڪئي آهي:


۽ هاڻي، اي خداوند اسان جا خدا، تو پنهنجي قوم کي زوراور هٿ سان مصر جي زمين مان ڪڍي آندو آهي، ۽ پنهنجي ناموس ڪڍي اٿيئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛ اسين گنهگار آهيون، اسان شرارت جا ڪم ڪيا آهن.


جيئن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ جي وقت ائين وري آءٌ هن کي عجيب غريب شيون ڏيکاريندس.


جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي مرضي آهي تہ آءٌ اسرائيل کي برڪت ڏيان، تڏهن هو ٻين وقتن وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، پر بيابان ڏانهن منهن ڪري هليو ويو.


۽ هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ هرڪا بادشاهت جنهن ۾ ڦوٽ ٿي پوي سا برباد ٿيو وڃي، ۽ هرڪو شهر يا گهر جنهن ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو جٽاءُ نہ ڪندو.


۽ جيڪڏهن آئون بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ تڏهن اوهان جا پٽ ڪنهن جي مدد سان ٿا انهن کي ڪڍن؟ تنهنڪري اُهي ئي اوهان جو انصاف ڪندا.


۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي.


تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري.


تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.


۽ سڄي جماعت ماٺ ڪري برناباس ۽ پولس جو اهو بيان ويٺي ٻُڌو تہ خدا سندن معرفت غير قومن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نشان ۽ ڪرامتون ڪيون هيون.


۽ چيائون تہ اسين هنن ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ جي يروشلم جي سڀني رهاڪن کي خبر پئجي ويئي آهي، تہ هنن جي هٿان تحقيق هڪڙو وڏو معجزو ٿيو آهي، جنهن جو اسين انڪار ڪري ڪين سگهنداسين.


۽ رسولن جي هٿان ماڻهن ۾ گهڻيئي معجزا ۽ ڪرامتون ٿينديون رهيون؛ ۽ هو سڀ يڪ دل ٿي سليمان جي ورانڊي ۾ گڏ ٿيندا هئا.


۽ گهڻيئي مرد توڙي زالون، جن خداوند تي ايمان آندو، سي انهن سان شامل ٿيندا ويا؛


پوءِ خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شيطان کي سگهو ئي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


اي خداوند خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي عظمت ۽ پنهنجي طاقت ڏيکارڻ شروع ڪئي آهي: ڇالاءِ جو آسمان ۾ يا زمين تي ٻيو ڪهڙو معبود آهي، جو تو جهڙا ڪم ڪري، ۽ قدرتون ڏيکاري سگهندو؟


۽ بلعام بن بعور، جو فالون وجهندو هو، سو بہ انهن مان هو، جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ