Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:19 - Sindhi Bible

19 خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:19
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون هن ئي ملڪ ۾ رهي پئُہ، ۽ آءٌ توسان هوندس ۽ توکي برڪت ڏيندس: ڇالاءِ جو آءٌ هي سڀ ملڪ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابرهام سان کنيو آهي، سو پورو ڪندس.


ڏس، آءٌ تو ساڻ آهيان، ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جيڪي توکي چيو اٿم، سو جيسين پورو نہ ڪريان، تيسين توکي ڇڏي ڪين ڏيندس.


يربعام جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائي ويندا؛ ۽ جيڪو جهنگ ۾ مرندو تنهن کي هوا جا پکي کائيندا: ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


جيڪو ڪلام خداوند ياهوءَ سان ڪيو، سو هي هو تہ تنهنجا پٽ چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندا. ۽ ائين ئي ٿيو.


تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين.


تہ بہ اي خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي؛ پر تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي، اي خداوند خدا، تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجهيو آهي.


خداوند قسم کنيو آهي، هو ڦرندو ڪين، تہ تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.


خداوند دائود سان سچائيءَ ۾ قسم کنيو آهي؛ هو انهي کان ڪين ڦرندو: تہ آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.


خدا رحم ڪرڻ ڀلجي ويو آهي ڇا؟ هن غصي ۾ پنهنجي ٻاجهہ کي روڪي ڇڏيو آهي ڇا؟


آءٌ پنهنجو عهد ڪين ڀڃندس، ۽ جيڪو ڪلام منهنجي واتان نڪتو آهي تنهن کي ڪين ڦيرائيندس.


مون هڪڙو ڀيرو پنهنجيءَ پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي؛ آءٌ ماڻهن سان ڪوڙ ڪين ڳالهائيندس؛


۽ تيراندازن جي شمار مان باقي رهيل مرد يعني قيدار جي اولاد مان بهادر ٿورا ٿيندا: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جي خدا ائين فرمايو آهي.


پر هو بہ سياڻو آهي، ۽ مصيبت آڻيندو، ۽ پنهنجو ڪلام رد نہ ڪندو: پر بدڪارن جي گهراڻي تي ۽ خطاڪارن جي مددگارن تي چڙهي ايندو.


گاهہ سڪي وڃي ٿو، گل ڪومائجي ٿو: پر اسان جي خدا جو ڪلام هميشہ تائين رهندو.


آءٌ اُڀرندي يعني ڏورانهين ملڪ کان هڪڙو عقاب، يعني اهڙو شخص سڏيندس جو منهنجي مرضي پوري ڪندو؛ هائو، مون ڳالهايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس؛ مون ارادو ڪيو آهي، ۽ آءٌ اهو پورو ڪندس.


تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.


اها سڄي حالت بادشاهہ نبوڪدنضر تي ٿي گذري.


آءٌ پنهنجي سخت ڪاوڙ عمل ۾ نہ آڻيندس، آءٌ افرائيم کي ناس ڪرڻ لاءِ نہ موٽندس: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، نہ انسان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قدوس خدا آهيان: آءٌ ڪاوڙ ۾ شهر ۾ نہ گهڙندس.


تون يعقوب کي سچائي ڏيندين، ۽ ابرهام کي رحم بخشيندين، جيئن تو قديم وقت کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند ڦران نٿو؛ انهي ڪري، اي بني يعقوب، اوهين ناس نہ ٿي ويا آهيو.


مون خداوند اهو فرمايو آهي ۽ يقين ڄاڻو تہ هيءَ خراب جماعت، جا منهنجي برخلاف گڏ ٿي آهي، تنهن سان آءٌ ائين ڪندس. اهي هن بيابان ۾ برباد ٿيندا، ۽ اتي ئي مرندا.


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ، اُٿ اي بلق ۽ ٻڌ: اي صفور جا پٽ مون ڏانهن ڪن ڏي:


آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪين ٽرندو.


ڇالاءِ جو خدا جون نعمتون ۽ سندس ڪوٺ بي تبديل آهن.


پر ائين نہ آهي تہ ڄڻ خدا جو ڪلام اجايو ويو، ڇالاءِ جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آهن سي سڀ اسرائيلي نہ آهن:


جيڪڏهن اسين بي وفا ٿينداسين، تہ بہ هو وفادار رهندو، ڇالاءِ جو هو ڪڏهن بدلجڻ وارو ناهي.


هميشہ جي زندگيءَ جي اُميد تي، جنهن جو واعدو خدا ازل کان ڪيو آهي، ۽ خدا ڪوڙ ڳالهائي نٿو سگهي،


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


جيڪي اڳي ڪاهن مقرر ٿيا هئا، سي قسم کانسواءِ مقرر ٿيا آهن؛ پر هي قسم سان انهي جي طرفان مقرر ٿيو آهي، جنهن سندس نسبت ۾ چيو، تہ ”خداوند قسم کنيو ۽ ڪڏهن ڪين ڦرندو، تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“


سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.


يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“


ڪابہ چڱي ڳالهہ جنهن بابت خداوند اسرائيل جي گهراڻي سان ذڪر ڪيو هو سا ڪانہ گٿي؛ سڀيئي اچي پوريون ٿيون.


۽ جيڪو اسرائيل جو ڏڍ آهي سو نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو، نڪي پشيمان ٿيندو: ڇالاءِ جو اُهو انسان ناهي جو پشيمان ٿئي.


انهي ڏينهن جيڪي عيليءَ جي گهراڻي جي نسبت ۾ مون چيو آهي سو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهي جي برخلاف پورو ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ