Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:14 - Sindhi Bible

14 سو هو کيس ضوفيم جي ميدان ۾، پسگہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، ۽ اتي ست قربانگاهون جوڙيائين، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو هو کيس صوفيم جي ميدان ۾ پسگاہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو. اتي بہ بلق ست قربان‌گاهون ٺاهيون ۽ هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪ وهڙي ۽ هڪ گھٽي جي قرباني ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ڳوٿريءَ مان سون ڪڍن ٿا ۽ ساهميءَ ۾ چاندي تورين ٿا، اهي سوناري کي ڪم تي رکن ٿا ۽ هو انهي مان هڪڙو معبود جوڙي ٿو؛ پوءِ اُهي هنجي اڳيان جهڪن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا.


يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ.


۽ بامات مان روانا ٿيا، ۽ موآب جي ميدان ۾، جا ماٿري آهي، تنهن ۾ پسگہ جي چوٽيءَ تي آيا، جتان هيٺ رڻ پٽ پيو ڏسجي.


تڏهن بلق هن کي چيو، تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هاڻي مون سان گڏجي، ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي ڏسي ڪين سگهندين؛ پر تون انهن جو رڳو پويون ڀاڱو ڏسندين: اتان منهنجي خاطر انهن کي لعنت ڪج.


۽ هن بلق کي چيو تہ تون هتي پنهنجيءَ سوختني قربانيءَ وٽ بيهہ، تہ آءٌ هُتي وڃي خداوند کي گڏجان.


۽ بلعام بلق کي چيو، تہ منهنجي لاءِ ست قربانگاهون جوڙاءِ، ۽ هتي منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گهٽا تيار ڪر.


تون پسگاهہ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ، ۽ الهندي ڏانهن، اُتر ڏانهن، ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس: ڇالاءِ جو تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.


پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جا يريحو جي سامهون آهي، ۽ خداوند هن کي جلعاد جو سڄو ملڪ دان تائين،


انهي ۾، يردن جي هن ڀر، اُڀرندي پاسي واري ميدان ۾، جو پسگہ جي سلاميءَ، ۽ ميدان جي سمنڊ تائين آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ