Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن بلق هن کي چيو، تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هاڻي مون سان گڏجي، ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي ڏسي ڪين سگهندين؛ پر تون انهن جو رڳو پويون ڀاڱو ڏسندين: اتان منهنجي خاطر انهن کي لعنت ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ بلق بلعام کي چيو تہ ”هاڻي مون سان گڏجي ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي نہ، پر رڳو پڇاڙيءَ وارن کي ڏسي سگھندين. پوءِ تون انهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ارام جي بادشاهہ جي نوڪرن هن کي چيو تہ هنن جو خدا ٽڪرين جو خدا آهي؛ تنهنڪري هو اسان کان ڏاڍا ٿيا: پر هاڻ هلو تہ پاڻ ميدان ۾ هنن سان وڙهون، ۽ يقين آهي تہ اسين هنن کان ڏاڍا ٿينداسين.


۽ هڪڙي خدا جي مرد ويجهو اچي اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، ڇالاءِ جو ارامين چيو آهي، تہ خداوند ٽڪرين جو خدا آهي، پر هو وادين جو خدا نہ آهي؛ تنهنڪري هي سارو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


هائو، هو ٻئي کي لعنت ڪرڻ ۾ خوش هو، سو مٿس لعنت آئي؛ ۽ ٻئي کي برڪت ڏيڻ ۾ خوش ڪونہ هو، سو کيس برڪت ڪانہ ملي.


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


۽ صبح جو هيئن ٿيو، جو بلق بلعام کي پاڻ سان وٺي، بعل جي مٿانهين جاين تي آيو، ۽ اتان هن اسرائيل جي سڄي قوم کي ڏٺو.


هو مون کان گهڻو زور وارا آهن: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اچي منهنجي خاطر انهن ماڻهن کي لعنت ڪر: تہ من آءٌ مٿن غالب پوان، ۽ کين ماري، هن ملڪ مان هڪالي ڪڍان: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي، ۽ جنهن کي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.


۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ مون کي انهي ڳالهہ جو خيال نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ جيڪي خداوند مون کي ٻڌايو آهي سو ئي ٻڌايان؟


سو هو کيس ضوفيم جي ميدان ۾، پسگہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، ۽ اتي ست قربانگاهون جوڙيائين، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهيائين.


پوءِ وري موآب جو بادشاهہ بلق پٽ صفور جو اُٿيو، ۽ اسرائيل سان وڙهيو؛ ۽ اُنهي بلعام بن بعور کي اوهان تي لعنت وجهڻ لاءِ گهرايو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ