Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:10 - Sindhi Bible

10 ڪير يعقوب جي مٽيءَ جا ذرا ڳڻي سگهندو، يا ڪير اسرائيل جي چوٿين حصي جو شمار ڪري سگهندو؟ شل آءٌ راستبازن وارو موت مران، شل منهنجي پڇاڙي انهن جهڙي ٿئي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 بني يعقوب، جنهن جو اولاد واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو آهي، تنهن کي ڪير ڳڻي سگھندو؟ بلڪ سندن رڳو چوٿين حصي جو بہ ڪو شمار نہ ٿو ڪري سگھي. شل مون بلعام جي پڇاڙي بہ انهن سچارن جهڙي ٿئي، بلڪ شل آءٌ انهن سچارن وارو موت مران.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو.


آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.


۽ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ٿيندو، ۽ تون الهندي ڏانهن، ۽ اڀرندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن ۽ ڏکڻ ڏانهن پکڙجي ويندين، ۽ تنهنجي، ۽ تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.


خداوند جي نظر ۾ سندس مقدسن جو موت تمام قيمتي آهي.


ڪامل ماڻهوءَ تي نظر ڪر، ۽ سچار کي ڏس: ڇو تہ هن جي پڇاڙيءَ ۾ سلامتي آهي.


شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.


سو روبن جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ايڪونجاهہ هزار چار سؤ ۽ پنجاهہ هئا. اهي ٻئي دفعي ۾ ڪوچ ڪن.


سو افرائيم جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک اٺ هزار ۽ هڪ سؤ هئا. اهي ٽئين دفعي ۾ ڪوچ ڪن.


سو دان جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي هڪ لک ستونجاهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا. اهي سڀني جي پٺيان پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان ڪوچ ڪن.


سو يهوداهہ جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ڇهاسي هزار چار سؤ هئا. اهي پهرين ڪوچ ڪن.


۽ انهن کان سواءِ هنن مديان جي پنجن بادشاهن کي، يعني عوي، رقم، صور، حور ۽ ربع کي بہ ماري ڇڏيو؛ ۽ بعور جي پٽ بلعام کي بہ ترار سان قتل ڪيائون.


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏهن اسان جو هيءُ تنبوءَ جهڙو خاڪي گهر ڊاهيو ويندو، تہ اسان کي خدا کان آسمان تي هڪڙي اهڙي عمارت ملندي جا هٿن سان جوڙيل نہ آهي، پر هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.


۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ لک، تہ مبارڪ آهن اُهي مُردا جي اڄ کان وٺي مسيح ۾ ٿا مرن؛ روح چوي ٿو تہ هائو، هو پنهنجي پورهئي کان ڇُٽا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پنهنجن ڪمن جي ياداشت پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ