Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هن کين چيو تہ اوهين اڄ رات هتي ٽڪي پئو، پوءِ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو انهي موجب آءٌ اوهان کي جواب ڏيندس. سو موآب جا سردار بلعام وٽ ٽڪي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 بلعام کين چيو تہ ”اوهين اڄ رات هتي رهي پئو. جيئن خداوند مون کي فرمائيندو تيئن آءٌ اوهان کي سڀاڻي جواب ڏيندس.“ سو موآب جا اهي اڳواڻ اها رات بلعام وٽ رهي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا جي ٻانهي بادشاهہ کي چيو تہ جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي گهر جو اڌ ڏيندين تہ بہ آءٌ توسان نہ هلندس ۽ نہ هن هنڌ ماني کائيندس يا پاڻي پيئندس:


۽ ميڪاياہ چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو آءٌ چوندس.


تون انهن کي پوکيو آهي، هائو هو پاڙ هڻي ويا آهن؛ هو وڌن ٿا، هائو هو ڦر ٿا ڪڍن: تون هنن جي وات کي ويجهو آهين، پر هنن جون دليون پري آهن.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس.


تڏهن بلعام بلق جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر، چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگهندس، ۽ نڪي انهي کان گهٽ يا وڌ ڪندس.


تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ آيو آهيان: پر مون کي ايتري مجال نہ آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ جيڪا ڳالهہ خدا مون کي چوندو، سا ئي آءٌ ٻڌائيندس.


سو موآب ۽ مديان جا بزرگ غيب گوئيءَ جا انعام پاڻ سان کڻي روانا ٿيا؛ ۽ بلعام وٽ اچي کيس بلق جو پيغام پهچايائون.


۽ خدا بلعام وٽ اچي چيو تہ تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟


۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ مون کي انهي ڳالهہ جو خيال نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ جيڪي خداوند مون کي ٻڌايو آهي سو ئي ٻڌايان؟


پوءِ بلعام بلق کي چيو، تہ تون هتي پنهنجي سوختني قربانيءَ وٽ بيهہ، تہ آءٌ وڃان؛ شايد خداوند مون کي گڏجڻ لاءِ اچي: ۽ جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توکي ٻڌائيندس. ۽ هو هڪڙيءَ ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو.


جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان سواءِ، پنهنجيءَ مرضي موجب، هنن سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگهندس؛ جيڪي خداوند فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڳالهائيندس؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ