Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:5 - Sindhi Bible

5 ۽ هن بعور جي پٽ بلعام ڏانهن فتور ۾ قاصد موڪليا، جو نديءَ جي ڪناري تي سندس قوم جو ملڪ آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي هيئن چئي سڏي اچن، تہ ڏس، هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي: هنن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي سامهون اچي منزل ڪئي اٿن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 بعور جي پٽ بلعام کي وٺي اچڻ لاءِ قاصد موڪليا. بلعام فرات نديءَ جي ويجھو پنهنجي وطن جي فتور شهر ۾ رهندو هو. بلق قاصدن کي پيغام ڏنو تہ ”هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي ۽ روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻي اها قوم منهنجي سامهون اچي لٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو.


هن پنهنجيءَ اُمت کي گهڻو وڌايو، ۽ کين سندن دشمن کان وڌيڪ زور وارو ڪيائين.


ڇالاءِ جو انهن زمين جي سطح کي ڀري ڇڏيو، جنهنڪري زمين ڪاري ٿي ويئي، ۽ انهن زمين جا سڀ وڻ، ٻوٽا، ۽ وڻ جو ميوو، جو ڳڙن کان بچيو هو، سو کائي ڇڏيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ ڪوبہ سائو وڻ يا ٻوٽو ڪونہ رهيو.


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ: موآب جي بادشاهہ مون کي سوريہ مان گهرايو، يعني اُڀرندي وارن جبلن مان گهرايو آهي: تہ اچي منهنجي خاطر يعقوب کي لعنت ڪر، ۽ اچي اسرائيل جي حقارت ڪر.


۽ انهن کان سواءِ هنن مديان جي پنجن بادشاهن کي، يعني عوي، رقم، صور، حور ۽ ربع کي بہ ماري ڇڏيو؛ ۽ بعور جي پٽ بلعام کي بہ ترار سان قتل ڪيائون.


ڇالاءِ تہ جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن اهي ماني ۽ پاڻي کڻي اوهان کي رستي ۾ نہ اچي گڏيا؛ پر اُٽلندو بعور جي پٽ بلعام کي، مسوپوتاميہ جي شهر فتور مان پئسا ڏيئي وٺي آيا، تہ توتي لعنت وجهي.


پر خداوند تنهنجي خدا بلعام جي نہ ٻڌي؛ بلڪ خداوند تنهنجي خدا تنهنجي لاءِ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو، ڇو جو خداوند تنهنجي خدا کي توسان محبت هئي.


۽ بلعام بن بعور، جو فالون وجهندو هو، سو بہ انهن مان هو، جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو.


پوءِ وري موآب جو بادشاهہ بلق پٽ صفور جو اُٿيو، ۽ اسرائيل سان وڙهيو؛ ۽ اُنهي بلعام بن بعور کي اوهان تي لعنت وجهڻ لاءِ گهرايو:


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ