Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:41 - Sindhi Bible

41 ۽ صبح جو هيئن ٿيو، جو بلق بلعام کي پاڻ سان وٺي، بعل جي مٿانهين جاين تي آيو، ۽ اتان هن اسرائيل جي سڄي قوم کي ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 ٻئي ڏينهن صبح جو بلق بلعام کي پاڻ سان بامات‌بعل جي مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، جتان بلعام بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ جو آخري حصو ڏسي ٿي سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:41
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مٿانهين جاين لاءِ، ۽ جيڪي ٻڪر ۽ گابا هن جوڙيا هئا، تن لاءِ هن ڪاهن مقرر ڪيا.


۽ بعل جي واسطي مٿانهان مڪان ٺاهيا اٿن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن کي سوختني قربانيءَ لاءِ بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين؛ جڏهن تہ مون اهڙو حڪم ڪونہ ڏنو، ۽ نہ ڪو ذڪر ڪيم، ۽ نہ ڪو اهڙو خيال منهنجي دل ۾ آيو:


تنهن کان سواءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ موآب مان انهيءَ کي نيست نابود ڪري ڇڏيندس جو مٿانهين مڪان تي قربانيون ٿو چاڙهي، ۽ جو پنهنجن معبودن لاءِ لوبان ٿو ساڙي.


ڇالاءِ جو حسبون مان هڪڙي باهہ نڪتي آهي، سيحون جي شهر مان هڪڙو شعلو هليو آهي: اهو موآب جي شهر عار، ۽ ارنون جي مٿانهين جاين کي ڳهي ويو آهي.


۽ بلق ڍڳن ۽ رڍن جي قرباني ڪئي، ۽ اها بلعام وٽ، ۽ هن سان گڏ جيڪي سردار هئا تن وٽ موڪليائين.


پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ، هتي منهنجي لاءِ ست قربانگاهون جوڙاءِ، ۽ هتي منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گهٽا تيار ڪر.


تڏهن بلق هن کي چيو، تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هاڻي مون سان گڏجي، ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي ڏسي ڪين سگهندين؛ پر تون انهن جو رڳو پويون ڀاڱو ڏسندين: اتان منهنجي خاطر انهن کي لعنت ڪج.


اوهين ضرور اهي سڀ جايون برباد ڪري ڇڏجو، جتي اهي قومون، جن جا اوهين وارث ٿيندا، سي اُتانهن جبلن تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ، پنهنجن معبودن جي عبادت ڪنديون هيون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ