Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:38 - Sindhi Bible

38 تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ آيو آهيان: پر مون کي ايتري مجال نہ آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ جيڪا ڳالهہ خدا مون کي چوندو، سا ئي آءٌ ٻڌائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 بلعام جواب ڏنس تہ ”هاڻي جو آءٌ توهان وٽ اچي ويو آهيان تہ ڇا مون کي ايتري مجال آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ بلڪ جيڪا ڳالهہ خدا مون کان چوائيندو، سا ئي آءٌ چوندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:38
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ميڪاياہ چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو آءٌ چوندس.


۽ بادشاهہ اُنهيءَ کي چيو تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيندس تہ خداوند جي نالي تي سچ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪي بہ ڪين چوين؟


تڏهن ميڪاياہ چيو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي منهنجي خدا چوندو سو آءٌ ٻڌائيندس.


خداوند قومن جي صلاح کي باطل ٿو ڪري: ۽ ماڻهن جون رِٿون بي اثر ڪري ٿو.


بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس:


هاڻي تون پنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز منترن سان اُٿي بيهہ، جن جي تو ننڍپڻ کان مشق پئي ڪئي آهي؛ شايد توکي فائدو رسي، شايد تون غالب پوين.


تڏهن بلعام بلق جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر، چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگهندس، ۽ نڪي انهي کان گهٽ يا وڌ ڪندس.


۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي تاڪيد سان نہ گهرايو هو ڇا؟ پوءِ ڇو تون مون وٽ هليو نہ آئين؟ آءٌ سچ پچ تنهنجو مرتبو وڌائي نٿو سگهان ڇا؟


پوءِ بلعام بلق سان گڏ روانو ٿيو، ۽ اهي قريت حصات ۾ آيا.


۽ هن کين چيو تہ اوهين اڄ رات هتي ٽڪي پئو، پوءِ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو انهي موجب آءٌ اوهان کي جواب ڏيندس. سو موآب جا سردار بلعام وٽ ٽڪي پيا.


۽ خداوند بلعام کي گڏيو، ۽ هن کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌايائين، ۽ چيائينس تہ بلق وٽ موٽي وڃ، ۽ هيئن وڃي چويس.


پر بلعام ورندي ڏيئي بلق کي چيو تہ مون توکي چيو ڪين هو تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڪندس؟


جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان سواءِ، پنهنجيءَ مرضي موجب، هنن سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگهندس؛ جيڪي خداوند فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڳالهائيندس؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ