Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:36 - Sindhi Bible

36 ۽ جڏهن بلق ٻڌو تہ بلعام آيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب جي انهي شهر تائين ويو، جو ارنون جي حد تي، هن جي سرحد جي ڏورانهين ڀاڱي ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 جڏهن بلق بادشاهہ ٻڌو تہ بلعام اچي رهيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب ملڪ جي انهيءَ سرحدي شهر تائين آيو جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:36
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو ڪدرلاعمر ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ساڻس هئا، تن کي ماري موٽيو، تڏهن صدوم جو بادشاهہ، سويءَ جي ماٿريءَ، يعني بادشاهي ماٿريءَ تائين، سندس استقبال لاءِ آيو.


۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين،


۽ يوسف پنهنجي گاڏي تيار ڪري، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي استقبال لاءِ جشن ڏانهن روانو ٿيو، ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس ڀاڪر پائي ڳچ دير تائين پئي رنائين.


تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جهڪي نياز سان هن کي چميائين، ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي خير عافيت پڇي. پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.


ڇالاءِ جو موآب جون نديون ارنون جي لانگهن وٽ اهڙيون ٿينديون جهڙا گهمندڙ پکي، ۽ جهڙو پکيڙي ڇڏيل آکيرو.


موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي.


پر خداوند جي فرشتي بلعام کي چيو، تہ تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ: پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان سا ئي تون ٻڌائج. سو بلعام بلق جي سردارن سان گڏجي ويو.


۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي تاڪيد سان نہ گهرايو هو ڇا؟ پوءِ ڇو تون مون وٽ هليو نہ آئين؟ آءٌ سچ پچ تنهنجو مرتبو وڌائي نٿو سگهان ڇا؟


اتي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻُڌو؛ ۽ اسان کي گڏجڻ لاءِ اپيوس جي چونڪ ۾ ٽن سراين تائين آيا؛ جن کي ڏسي پولس خدا جو شڪر ڪيو، ۽ خاطر جمع ٿيس.


هاڻي اوهين اٿي ڪوچ ڪريو، ۽ ارنون جي ماٿري لنگهي پار وڃو: ڏسو، مون حسبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي، سندس ملڪ سميت تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي: سو انهي تي قبضو ڪر، ۽ انهي سان جنگ شروع ڪر.


انهي وقت اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان، جيڪي يردن جي هن ڀر رهندا هئا، سندن سارو ملڪ، ارنون جي ماٿريءَ کان وٺي حرمون جبل تائين کسي ورتو.


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگهي، ۽ ادوم جي ملڪ ۾ موآب جي ملڪ کان ڦري ڪري، موآب جي ملڪ جي اُڀرندي پاسي کان آيا، ۽ ارنون جي هن ڀر اچي تنبو هنيائون؛ پر هو موآب جي سرحد اندر نہ آيا؛ ڇالاءِ جو ارنون موآب جي سرحد هئي.


۽ جڏهن هو اُها سوختني قرباني چاڙهي رهيو، تہ اوچتو سموئيل اچي نڪتو؛ ۽ سائول هن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري ويو، تہ هن کي سلام ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ