Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:34 - Sindhi Bible

34 تڏهن بلعام خداوند جي فرشتي کي چيو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر ڪانہ هئي تہ تون منهنجيءَ مخالفت ۾ رستي تي بيٺو آهين: سو هاڻي، جيڪڏهن تون خوش نہ هجين تہ آءٌ موٽي ويندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 تڏهن بلعام وراڻيو تہ ”مون کان گناهہ ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر ڪانہ هئي تہ توهان مون سان مقابلي لاءِ رستي تي بيٺا آهيو. سو هاڻي جيڪڏهن منهنجو اوڏانهن وڃڻ توهان کي خراب ٿو لڳي تہ آءٌ موٽي ٿو وڃان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:34
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ ناتن دائود کي چيو تہ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪيو آهي؛ تون مرندين ڪين.


۽ انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا ناراض ٿيو؛ تنهنڪري هن اسرائيل کي ماريو.


جڏهن هن کين قتل ڪيو، تڏهن هو کيس ڳولڻ لڳا: ۽ خدا ڏانهن ڦري جلدي جلدي سندس طالب ٿيا.


تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ چيائين تہ هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي؛ خداوند راستباز آهي، ۽ آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو گنهگار آهيون.


متان خداوند اهو ڏسي ۽ انهيءَ ڪري رنج ٿئي، ۽ هن تان پنهنجي ڪاوڙ لاهي ڇڏي.


پوءِ اُمت ڪُرڪڻ، ۽ خداوند جي ٻڌندي اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي: ۽ جڏهن خداوند اهي ٻڌيون، تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو، ۽ خداوند جي باهہ انهن ۾ ٻرڻ لڳي، ۽ منزلگاهہ جو ٻاهريون ڀاڱو ساڙي ڇڏيائين.


۽ اهي صبح جو سوير اُٿي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهيا، ۽ چوڻ لڳا تہ جيتوڻيڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، پر اِجهو اسين هتي آيا آهيون، ۽ اچو تہ انهي هنڌ ڏانهن هلون، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي.


تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن.


۽ گڏهہ مون کي ڏسي ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مُڙي ويئي: ۽ جي هوءَ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي نہ وڃي ها، تہ ضرور آءٌ تو کي ماري وجهان ها، ۽ هن کي جيئرو ڇڏيان ها.


۽ سائول سموئيل کي چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو مون خداوند جي حڪم کان، ۽ تنهنجي چوڻ کان ٻاهر وک وڌي آهي: ڇالاءِ جو آءٌ ماڻهن کان ڊنس، ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.


تڏهن هن چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: انهي هوندي بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي بزرگن جي اڳيان، ۽ اسرائيل جي اڳيان، منهنجي آبرو رک؛ ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند، تنهنجي خدا کي سجدو ڪريان.


۽ هن دائود کي چيو تہ تون مون کان وڌيڪ راستباز آهين: ڇالاءِ جو تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، پر مون توسان برائي ڪئي آهي.


تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ