Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:32 - Sindhi Bible

32 ۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو، تہ ڇو تو پنهنجيءَ گڏهہ کي ٽي ڀيرا ماريو؟ ڏس، آءٌ تنهنجي مخالفت لاءِ آيو آهيان، ڇالاءِ جو تنهنجي هلت منهنجيءَ نظر ۾ ڏنگي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 خداوند جي ملائڪ بلعام کان پڇيو تہ ”تو پنهنجيءَ گڏهِہ کي ڇو ٽي ڀيرا مار ڏني؟ آءٌ تنهنجو رستو روڪڻ لاءِ آيو آهيان، ڇو تہ تنهنجو هي رستو منهنجي نظر ۾ گمراهيءَ وارو رستو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:32
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند سڀني سان ڀلو آهي؛ ۽ هن جو رحم سندس سڀني مخلوقن تي آهي.


هو جانورن کي، ۽ ڪانگن جي ٻچن کي جي پڪارين ٿا، کاڌو ٿو ڏئي.


تنهنجي راستبازي خدا جي جبلن جهڙي آهي؛ ۽ تنهنجا فيصلا تمام اونها آهن: اي خداوند، تون ماڻهن ۽ جانورن جو سنڀاليندڙ آهين.


جيڪو سنئون سڌو هلڻ وارو آهي سو خداوند کان ڊڄي ٿو: پر جيڪو ڏنگن رستن وارو آهي سو ان کي ڌڪاري ٿو.


ماڻهوءَ جا سڀ رستا سندس نظر ۾ صاف آهن: پر خداوند روح کي توري ٿو.


جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو.


جيڪو غريب پنهنجي سنوت ۽ سچائي جي رستي تي هلي ٿو، سو انهي کان بهتر آهي جو ڏنگن رستن تي هلي ٿو اگرچہ اُهو ڀلي تونگر هجي.


تڏهن آءٌ نينوہ جي وڏي شهر تي رحم نہ ڪريان، جنهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي سڄي ۽ کٻي هٿ جي وچ ۾ فرق جي خبر ڪانهي، ۽ گهڻو چوپايو مال بہ آهي؟


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج.


۽ هن جي وڃڻ ڪري خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي: ۽ خداوند جو فرشتو هن جي مخالفت لاءِ اچي رستي تي بيٺو. هاڻي هو گڏهہ تي چڙهيل هو، ۽ سندس ٻہ نوڪر ساڻس گڏ هئا.


تڏهن خداوند گڏهہ جو وات کوليو، ۽ هن بلعام کي چيو، تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي، جو تو ٽي ڀيرا مون کي ماريو آهي؟


۽ گڏهہ مون کي ڏسي ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مُڙي ويئي: ۽ جي هوءَ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي نہ وڃي ها، تہ ضرور آءٌ تو کي ماري وجهان ها، ۽ هن کي جيئرو ڇڏيان ها.


پر خداوند جي فرشتي بلعام کي چيو، تہ تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ: پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان سا ئي تون ٻڌائج. سو بلعام بلق جي سردارن سان گڏجي ويو.


۽ چوڻ لڳو تہ ”اي شيطان زادا، تون جو هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بدڪاريءَ سان ڀريل، ۽ هر طرح جي نيڪيءَ جو دشمن آهين، تون خداوند جي سنئين واٽن کي ڦيرائڻ کان بس ڪين ڪندين؟


ڇالاءِ تہ جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن اهي ماني ۽ پاڻي کڻي اوهان کي رستي ۾ نہ اچي گڏيا؛ پر اُٽلندو بعور جي پٽ بلعام کي، مسوپوتاميہ جي شهر فتور مان پئسا ڏيئي وٺي آيا، تہ توتي لعنت وجهي.


جڏهن ڏاند اَن ڳاهي تڏهن انهي جو ٻُوٿ نہ ٻڌ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ