Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:31 - Sindhi Bible

31 تڏهن خداوند بلعام جون اکيون کوليون، ۽ هن خدا جي فرشتي کي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو، تنهن تي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 پوءِ خداوند بلعام جون اکيون کوليون، تڏهن هن خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي ۾ بيٺل ڏٺو. تنهن تي هن جھڪي سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا هن جون اکيون کوليون ۽ هن پاڻيءَ جو هڪڙو کوهہ ڏٺو، ۽ وڃي پنهنجي مشڪ پاڻيءَ سان ڀري آڻي ڇوڪر کي پياريائين.


۽ دائود مٿي نهاريو ۽ ڏٺائين تہ خداوند جو ملائڪ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ اُگهاڙي ترار جهليو بيٺو آهي، ۽ سندس هٿ يروشلم تي ڊگهيريل آهي، تڏهن دائود ۽ سڀني بزرگن کٿا ڍڪيا ۽ منهن ڀر ڪِري پيا.


اي خداوند، انهن کي ڊپ ۾ وجهہ: تہ قومون پاڻ کي انسان سمجهن.


تڏهن موسيٰ تڪڙو ٿي زمين تي سر جهڪائي سجدو ڪيو،


تڏهن گڏهہ بلعام کي چيو، تہ آءٌ تنهنجي گڏهہ ناهيان ڇا جنهن تي تو پنهنجي سڄي ڄمار اڄ ڏينهن تائين سواري ڪئي آهي؟ ڪڏهن اڳي بہ مون تو سان ائين ڪيو آهي؟ هن چيو تہ نہ.


جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌي، ۽ جيڪو خدا تعاليٰ جو علم ٿو ڄاڻي، ۽ جيڪو سجدي ۾ ليٽي کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:


جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ سجدي ۾ ليٽي، کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:


پر هنن جون اکيون روڪجي ويون هيون، جيئن هن کي نہ سڃاڻن.


تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ سڃاتائونس؛ تہ ايتري ۾ هو نظر کان غائب ٿي وين.


پوءِ هن جو ائين چيو تہ اُهو آئون آهيان، تنهن تي هو پٺتي هٽجي زمين تي ڪِري پيا.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع يريحو جي ڀرسان آيو، تڏهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريائين تہ ڏسي، تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار ڪڍيو بيٺو آهي: ۽ يشوع وٽس ويو ۽ چيائينس تہ تون اسان جي لاءِ آهين يا اسانجن دشمنن جي لاءِ؟


۽ هن چيو تہ نہ، پر آءٌ خداوند جي لشڪر جو سردار ٿي آيو آهيان. تڏهن يشوع زمين تي منهن ڀر ڪري پيو، ۽ سجدو ڪري هن کي چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي کي ڇا ٿو فرمائي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ