Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:3 - Sindhi Bible

3 ۽ موآبي هنن ماڻهن کان ڏاڍا ڊنا، ڇالاءِ جو هو گهڻا هئا: سو موآبي، بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا پريشان ٿيڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ ڪري هو پاڻ ۽ سندس سڄو راڄ ڏاڍا ڊڄي ويا، ڇو تہ بني اسرائيل تعداد ۾ تمام گھڻا هئا. مطلب تہ موآبين جي مٿان بني اسرائيل جو خوف ويهجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ سان بني اسرائيل جي استقبال لاءِ نہ آيا، پر اُٽلندو هنن کي لعنت وجهڻ لاءِ بلعام کي ڀاڙي ڪيائون؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند انهيءَ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو.


جتي خوف ڪونہ هو، اُتي هو ڏاڍا ڊڄي ويا: ڇالاءِ تہ جيڪي توکي گهيرو ٿا ڪن تن جي هڏين کي خدا ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي؛ تو انهن کي شرمندو ڪيو، ڇو تہ خدا کين رد ڪري ڇڏيو آهي.


پر جيئن جيئن هو کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ پکڙجندا ويا. ۽ مصري بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا رنج ٿيڻ لڳا.


انهيءَ وقت ادوم جا سردار حيران ٿيا: موآب جي پهلوانن کي ڏڪڻي وٺي ويئي: ۽ ڪنعان جا سڀ رهاڪو پاڻي پاڻي ٿي ويا آهن.


جن ماڻهن وٽ تون ويندين، تن سڀني جي دلين ۾ آءٌ پنهنجو خوف توکان اڳ ۾ موڪلي کين شڪست ڏيندس، ۽ تنهنجن سڀني دشمنن کي تنهنجي سامهون پٺي ڏياري ڀڄائيندس.


جڏهن اها خبر مصر ۾ ايندي تڏهن صور جو احوال ٻڌي هنن کي ڏاڍو درد ٿيندو.


اڄ کان وٺي آءٌ زمين جي سڀني ماڻهن تي تنهنجو خوف، ۽ تنهنجو ڊپ وجهڻ شروع ڪندس، ۽ هو تنهنجي هاڪ ٻڌي ڏڪي ويندا، ۽ تنهنجي ڪري پريشان ٿيندا.


۽ هنن يشوع کي چيو تہ بيشڪ خداوند اهو سڄو ملڪ اسان جي حوالي ڪيو آهي؛ ۽ تنهن کان سواءِ ملڪ جا سڀيئي رهاڪو اسان جي اڳيان هيسجي ويا آهن.


۽ هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن ٻانهن کي پڪيءَ طرح خبر پيئي هئي، تہ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تہ آءٌ توکي هي سارو ملڪ ڏيندس، ۽ انهيءَ ملڪ جا سڀ رهاڪو تنهنجي اڳيان ناس ڪري ڇڏيندس؛ تنهنڪري اسان کي پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، ۽ انهي ڪري اسان هيئن ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ