Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:23 - Sindhi Bible

23 ۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي هٿ ۾ ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو: تڏهن گڏهہ رستي کان مُڙي ٻنيءَ ۾ وڃڻ لڳي، پر بلعام گڏهہ کي ڦيرائي رستي تي آڻڻ لاءِ مارڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن گڏهِہ خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي تي بيٺل ڏٺو تڏهن رستي کان مڙي ٻنيءَ ۾ لهي ويئي. پر بلعام گڏهِہ کي مار ڏيئي ڦيري رستي تي آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اليشع دعا گهُري ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون هن جون اکيون کول تہ هو ڏسي. ۽ خداوند انهيءَ جوان ماڻهوءَ جون اکيون کوليون ۽ هن ڏٺو: ۽ ڏس، اُهو جبل اليشع جي چوڌاري گهوڙن ۽ باهہ جي رٿن سان ڀريل هو.


۽ دائود مٿي نهاريو ۽ ڏٺائين تہ خداوند جو ملائڪ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ اُگهاڙي ترار جهليو بيٺو آهي، ۽ سندس هٿ يروشلم تي ڊگهيريل آهي، تڏهن دائود ۽ سڀني بزرگن کٿا ڍڪيا ۽ منهن ڀر ڪِري پيا.


هائو، لقلق پکي پنهنجو مقرر ڪيل وقت ڄاڻي ٿو؛ ۽ قمري ۽ ابابيل ۽ ڪنگ پنهنجي وقت تي اچن ٿا؛ پر منهنجي قوم خداوند جي عدالت نٿي ڄاڻي.


۽ رڳو مون داني ايل اُهو رويا ڏٺو: ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو مون سان هئا، تن اُهو رويا نہ ڏٺو؛ پر هنن کي ڏاڍي ڏڪڻي وٺي ويئي، ۽ هو ڀڄي وڃي لڪا.


۽ هن جي وڃڻ ڪري خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي: ۽ خداوند جو فرشتو هن جي مخالفت لاءِ اچي رستي تي بيٺو. هاڻي هو گڏهہ تي چڙهيل هو، ۽ سندس ٻہ نوڪر ساڻس گڏ هئا.


تنهن تي خداوند جو فرشتو ڊاک جي منهہ جي وچ ۾، هڪڙي هيٺانهين رستي تي اچي بيٺو، جتي هن جي ٻنهي پاسن کان واڙ هئي.


۽ جيڪي مون سان هئا، تن اها روشنائي برابر ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻُڌو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع يريحو جي ڀرسان آيو، تڏهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريائين تہ ڏسي، تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار ڪڍيو بيٺو آهي: ۽ يشوع وٽس ويو ۽ چيائينس تہ تون اسان جي لاءِ آهين يا اسانجن دشمنن جي لاءِ؟


پر پنهنجي قصور ڪري پاڻ تي لعنت آندائين ۽ هڪڙي گگدام گڏهہ، انسان وانگر ڳالهائي انهي نبيءَ جي چريائي روڪي.


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ