Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:20 - Sindhi Bible

20 پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 انهيءَ رات خدا بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن هي ماڻهو تو کي وٺڻ آيا آهن تہ تون اُٿ ۽ بيشڪ انهن سان وڃ. پر جيڪي آءٌ تو کي چوان رڳو تنهن تي ئي عمل ڪجانءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:20
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن.


تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس.


پر خداوند مون کي چيو تہ ائين نہ چئُہ تہ آءٌ ٻار آهيان: ڇالاءِ جو جنهن ڏانهن آءٌ توکي موڪليندس تنهن ڏي تون ويندين، ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيندس سو تون ٻڌائيندين.


مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ توکي هڪڙو بادشاهہ ڏنو، ۽ پنهنجي غصي ۾ انهي کڻي ورتو اٿم.


سو هاڻي اوهين بہ ڀلائي ڪري اڄوڪي رات هتي ٽڪي پئو، تہ آءٌ معلوم ڪريان تہ خداوند مون کي وڌيڪ ڇا ٿو چوي.


پر خداوند جي فرشتي بلعام کي چيو، تہ تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ: پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان سا ئي تون ٻڌائج. سو بلعام بلق جي سردارن سان گڏجي ويو.


۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ مون کي انهي ڳالهہ جو خيال نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ جيڪي خداوند مون کي ٻڌايو آهي سو ئي ٻڌايان؟


۽ خداوند بلعام کي گڏيو، ۽ هن کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌايائين، ۽ چيائينس تہ بلق وٽ موٽي وڃ، ۽ هيئن وڃي چويس.


پر بلعام ورندي ڏيئي بلق کي چيو تہ مون توکي چيو ڪين هو تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڪندس؟


تڏهن خداوند بلعام کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس، تہ بلق وٽ موٽي وڃ ۽ هيئن وڃي چويس.


جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان سواءِ، پنهنجيءَ مرضي موجب، هنن سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگهندس؛ جيڪي خداوند فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڳالهائيندس؟


جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ سجدي ۾ ليٽي، کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ