Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:18 - Sindhi Bible

18 تڏهن بلعام بلق جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر، چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگهندس، ۽ نڪي انهي کان گهٽ يا وڌ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تنهن تي بلعام جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن بلق چانديءَ ۽ سون سان ڀريل پنهنجو گھر بہ مون کي ڏئي تڏهن بہ آءٌ ننڍي ۾ ننڍي يا وڏي ۾ وڏي ڳالهہ ۾ بہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگھندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا جي ٻانهي بادشاهہ کي چيو تہ جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي گهر جو اڌ ڏيندين تہ بہ آءٌ توسان نہ هلندس ۽ نہ هن هنڌ ماني کائيندس يا پاڻي پيئندس:


۽ ميڪاياہ چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو آءٌ چوندس.


تڏهن ميڪاياہ چيو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي منهنجي خدا چوندو سو آءٌ ٻڌائيندس.


يا انهن اميرن سان جن وٽ سون هو، جن پنهنجا گهر چانديءَ سان ڀري ڇڏيا:


تڏهن داني ايل ورندي ڏيئي چيو تہ اهي پنهنجا انعام ڪنهن ٻئي کي ڏي، پر اها لکت آءٌ بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان، ۽ اُنهي جو مطلب بہ ٿو سمجهايان.


سو هاڻي اوهين بہ ڀلائي ڪري اڄوڪي رات هتي ٽڪي پئو، تہ آءٌ معلوم ڪريان تہ خداوند مون کي وڌيڪ ڇا ٿو چوي.


تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ آيو آهيان: پر مون کي ايتري مجال نہ آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ جيڪا ڳالهہ خدا مون کي چوندو، سا ئي آءٌ ٻڌائيندس.


۽ هن کين چيو تہ اوهين اڄ رات هتي ٽڪي پئو، پوءِ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو انهي موجب آءٌ اوهان کي جواب ڏيندس. سو موآب جا سردار بلعام وٽ ٽڪي پيا.


پر بلعام ورندي ڏيئي بلق کي چيو تہ مون توکي چيو ڪين هو تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڪندس؟


تنهن تي بلعام بلق کي چيو، تہ جيڪي قاصد تو مون ڏانهن موڪليا هئا، تن کي مون ائين نہ چيو هو ڇا تہ


جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان سواءِ، پنهنجيءَ مرضي موجب، هنن سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگهندس؛ جيڪي خداوند فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڳالهائيندس؟


پر پطرس چيس تہ شل تنهنجا پيسا تو سوڌو چٽ ٿين، جو ڀانئين ٿو تہ خدا جي بخشش پيسن سان ملي پوندي.


هو چون ٿا تہ اسان کي خدا جي پروڙ آهي؛ پر پنهنجن ڪمن سان هو انهي جو انڪار ٿا ڪن، جو هو نفرتي ۽ نافرمان آهن، ۽ ڪنهن بہ نيڪ ڪم ڪرڻ جا لائق نہ آهن.


پر مون بلعام جي ڳالهہ نہ مڃي؛ تنهنڪري هو اوهان جي حق ۾ برڪت ڏيندو رهيو: انهيءَ طرح مون اوهان کي انهيءَ جي هٿن مان ڇڏايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ