Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:12 - Sindhi Bible

12 تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر خدا بلعام کي فرمايو تہ ”تون هنن سان نہ وڃ ۽ نہ وري انهن ماڻهن تي لعنت ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها قوم برڪت واري آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:12
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


۽ عزرياہ سردار ڪاهن، جو صدوق جي گهراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ جنهن وقت ماڻهو خداوند جي گهر ۾ نذرانا آڻڻ لڳا، تنهن وقت کان وٺي اسان پئي کاڌو آهي، ۽ ججهو ئي کاڌو اٿئون، ۽ گهڻو ئي باقي بچائي ڇڏيو اٿئون: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي قوم کي برڪت ڏني آهي، ۽ باقي جيڪي بچيو آهي سو هي وڏو انبار آهي.


تڏهن انهيءَ اُمت جي حالت مبارڪ آهي: هائو، مبارڪ آهي اُها اُمت جنهن جو خدا خداوند آهي.


اهو ماڻهو مبارڪ آهي جنهن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، جنهن جي اميد خداوند سندس خدا ۾ آهي:


۽ انهن جو نسل قومن ۾ مشهور ٿيندو، ۽ انهن جو اولاد اُمتن ۾: جيڪي انهن کي ڏسندا سي سڀ قبول ڪندا تہ هي اهو نسل آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


ڏس، جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي، تنهن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، هاڻي تون اچي انهن کي لعنت ڪر؛ تہ من آءٌ هنن سان وڙهي سگهان، ۽ کين هڪالي ڪڍان.


سو بلعام صبح جو اُٿي بلق جي سردارن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃو: ڇالاءِ جو خداوند مون کي اوهان سان هلڻ لاءِ موڪل نٿو ڏئي.


هو مون کان گهڻو زور وارا آهن: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اچي منهنجي خاطر انهن ماڻهن کي لعنت ڪر: تہ من آءٌ مٿن غالب پوان، ۽ کين ماري، هن ملڪ مان هڪالي ڪڍان: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي، ۽ جنهن کي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.


يقين آهي تہ يعقوب تي ڪو جادو ڪونہ هلندو، نڪي اسرائيل تي ڪنهن فال جو اثر ٿيندو: بلڪ يعقوب ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ هاڻي ائين چوڻ ۾ ايندو، تہ خدا ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا!


پوءِ بلعام بلق کي چيو، تہ تون هتي پنهنجي سوختني قربانيءَ وٽ بيهہ، تہ آءٌ وڃان؛ شايد خداوند مون کي گڏجڻ لاءِ اچي: ۽ جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توکي ٻڌائيندس. ۽ هو هڪڙيءَ ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو.


پر آءٌ ڪيئن انهي کي لعنت ڪريان، جنهن کي خداوند لعنت نہ ڪئي آهي؟ آءٌ ڪيئن انهي جي حقارت ڪريان، جنهن جي خداوند حقارت نہ ڪئي آهي؟


هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.


۽ اڃا هو عدالت جي گاديءَ تي ويٺو ئي هو، تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ هن راستباز ماڻهوءَ کي ڪي بہ نہ ڪجانءِ: ڇالاءِ جو اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.


ڇالاءِ جو خدا جون نعمتون ۽ سندس ڪوٺ بي تبديل آهن.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.


پر خداوند تنهنجي خدا بلعام جي نہ ٻڌي؛ بلڪ خداوند تنهنجي خدا تنهنجي لاءِ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو، ڇو جو خداوند تنهنجي خدا کي توسان محبت هئي.


تون اندر اچڻ وقت، ۽ ٻاهر وڃڻ وقت برڪت وارو ٿيندين.


اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.


توکي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ برڪت ڏيندو: اوهان ۾ توڙي اوهان جي چوپائي مال ۾، ڪوبہ نر يا ڪابہ مادي سنڍ نہ ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ