Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:11 - Sindhi Bible

11 ڏس، جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي، تنهن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، هاڻي تون اچي انهن کي لعنت ڪر؛ تہ من آءٌ هنن سان وڙهي سگهان، ۽ کين هڪالي ڪڍان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ’جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي سا روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻ تون اچ ۽ انهن تي اچي لعنت ڪر، پوءِ شايد آءٌ ساڻن وڙهي سگھان ۽ کين ڀڄائي ڪڍان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.


۽ بلعام خدا کي چيو، تہ صفور جي پٽ بلق، موآب جي بادشاهہ مون کي چوائي موڪليو آهي تہ


تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن.


تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ هي تو مون سان ڇا ڪيو؟ مون تو کي پنهنجن دشمنن تي لعنت ڪرڻ لاءِ آندو آهي، پر ڏس تو تہ انهن کي برڪت ئي برڪت ڏني آهي.


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ: موآب جي بادشاهہ مون کي سوريہ مان گهرايو، يعني اُڀرندي وارن جبلن مان گهرايو آهي: تہ اچي منهنجي خاطر يعقوب کي لعنت ڪر، ۽ اچي اسرائيل جي حقارت ڪر.


تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هو پنهنجا هٿ ملڻ لڳو: ۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي انهي لاءِ سڏايو هو تہ منهنجن دشمنن تي لعنت ڪرين، پر تو هنن کي ٽي ڀيرا نسوري برڪت ڏني آهي.


پر مون بلعام جي ڳالهہ نہ مڃي؛ تنهنڪري هو اوهان جي حق ۾ برڪت ڏيندو رهيو: انهيءَ طرح مون اوهان کي انهيءَ جي هٿن مان ڇڏايو.


۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون لٺ کڻي مون تي آيو آهين؟ ۽ فلستي پنهنجن معبودن جا قسم کڻي دائود تي لعنت وڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ