Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ بني اسرائيل اڳتي هليا ۽ يردن جي پرئين ڀر، موآب جي ميدان ۾، يريحو شهر جي سامهون اچي منزل ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ بني اسرائيل اتان اڳتي هليا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اچي پنهنجا تنبو کوڙيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح سڀيئي يهودي جي موآب ۽ بني عمون منجهہ، ۽ ادوم ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي، ۽ انهن تي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن کي حاڪم مقرر ڪيو اٿس؛


۽ بامات مان روانا ٿيا، ۽ موآب جي ميدان ۾، جا ماٿري آهي، تنهن ۾ پسگہ جي چوٽيءَ تي آيا، جتان هيٺ رڻ پٽ پيو ڏسجي.


تڏهن موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، موآب جي ميدان ۾، يريحو جي سامهون يردن جي ڪناري تي، انهن کي چيو تہ


۽ هو اهي قيدي، ۽ لٽ جو سمورو مال، موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ۽ ساريءَ جماعت وٽ، موآب جي ميدان ۾ يريحو جي سامهون يردن جي ڪناري تي کڻي آيا.


۽ اسين يردن جي پرئين ڀر، يا انهي کان اڳتي، هنن سان گڏ ورثو ڪين وٺنداسين؛ ڇالاءِ جو اسان جو ورثو يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن اسان کي ملي چڪو آهي.


انهن اڍائي قبيلن کي سندن ورثو، سج اُڀرڻ واري پاسي يردن جي هن ڀر، يريحو وٽ اُڀرندي ڏانهن ملي چڪو آهي.


۽ خداوند يردن جي ڪناري تي، موآب جي ميدان ۾، يريحو وٽ موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ


اِهي آهن اُهي حڪم ۽ فيصلا، جي خداوند يردن جي ڪناري تي، موآب جي ميدان ۾ يريحو وٽ موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل جي لاءِ مقرر ڪيا.


تڏهن يردن جي هن ڀر، موآب جي ميدان ۾، موسيٰ هيءَ شريعت بيان ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ،


انهي وقت اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان، جيڪي يردن جي هن ڀر رهندا هئا، سندن سارو ملڪ، ارنون جي ماٿريءَ کان وٺي حرمون جبل تائين کسي ورتو.


پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جا يريحو جي سامهون آهي، ۽ خداوند هن کي جلعاد جو سڄو ملڪ دان تائين،


۽ بني اسرائيل موسيٰ جي لاءِ موآب جي ميدان ۾ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو: پوءِ موسيٰ جي لاءِ ماتم ڪرڻ ۽ روئڻ جا ڏينهن پورا ٿيا.


تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ