ڳاڻاٽو 21:7 - Sindhi Bible7 تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي چيو، تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو اسان خداوند جي، ۽ تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؛ هاڻي تون خداوند کان دعا گهر تہ هو اسان جي وچ مان نانگ ڪڍي، ۽ موسيٰ ماڻهن جي لاءِ دعا گهري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 تڏهن ماڻهو موسيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان خداوند ۽ اوهان جي خلاف ڳالهائي گناهہ ڪيو آهي. هاڻي توهين خداوند کان دعا گھرو تہ هو نانگن کي اسان کان پري ڪري.“ سو موسيٰ انهن لاءِ دعا گھري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهن ڪري اوهين ست ڍڳا ۽ ست گهٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ وڃو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهيو؛ ۽ منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گهرندو؛ ۽ انهيءَ جي خاطر آءٌ اُها قبول ڪندس، ۽ اوهان جي بي عقليءَ موافق اوهان سان هلت نہ ڪندس؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت اُها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.