Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 21:4 - Sindhi Bible

4 پوءِ اهي هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا، انهي لاءِ تہ ادوم جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگهي وڃن: پر اهي ماڻهو انهي ڊگهي رستي جي ڪري دل شڪستہ ٿي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ بني اسرائيل هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا تہ جيئن ادوم ملڪ جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگھي وڃن. پر انهيءَ ڊگھي رستي جي ڪري هو بي‌صبر ٿي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 21:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ ڪهڙي پاسي هلون؟ هن ورندي ڏني تہ ادوم جي بيابان واري رستي کان.


پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي ڏک ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي.


هاڻي عماليقي ۽ ڪنعاني ماٿريءَ واريءَ زمين تي ٿا رهن: سو سڀاڻي اوهين ڦرو، ۽ ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان بيابان ۾ نڪري وڃو.


سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب ڪيو: ۽ هو ساري جماعت جي ڏسندي هور جبل تي چڙهي ويا.


ڇو اوهين بني اسرائيل کي انهي ملڪ تائين پهچڻ کان دل شڪستو ٿا ڪريو، جو ملڪ خداوند هنن کي ڏنو آهي؟


ڇالاءِ تہ جڏهن هو اسڪال جي ماٿريءَ تائين ويا، ۽ انهي ملڪ کي ڏٺائون، تڏهن بني اسرائيل جي دل ڀڃي ڇڏيائون، تہ جيڪو ملڪ خداوند انهن کي ڏنو آهي تنهن ۾ نہ وڃن.


پوءِ اهي حور جبل وٽان روانا ٿيا، ۽ ضلمونہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


پر اوهين ڦرو، ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو رستو وٺي، بيابان ڏانهن وڃو.


پوءِ اسين ڦيرو کائي، ڳاڙهي سمنڊ وارو رستو ڏيئي بيابان ۾ آياسين، جيئن ڪ خداوند مون کي فرمايو هو: ۽ ڪيترائي ڏينهن شعير جبل جي آس پاس پئي گهمياسين.


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگهي، ۽ ادوم جي ملڪ ۾ موآب جي ملڪ کان ڦري ڪري، موآب جي ملڪ جي اُڀرندي پاسي کان آيا، ۽ ارنون جي هن ڀر اچي تنبو هنيائون؛ پر هو موآب جي سرحد اندر نہ آيا؛ ڇالاءِ جو ارنون موآب جي سرحد هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ