Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 21:26 - Sindhi Bible

26 هاڻي حسبون امورين جي بادشاهہ سيحون جو شهر هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي، ارنون تائين هن جو سارو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 حشبون شهر امورين جي بادشاهہ سيحون جو هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي برساتي نهر ارنون تائين هن جو سڄو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 21:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي آهي؛ تنهنجون اکيون حشبون جي تلائن جهڙيون آهن، جي بيت ربيم جي در وٽ آهن؛ تنهنجو نڪ لبنان جي ٺلهہ وانگر آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏي آهي.


تنهنجو مٿو توتي ڪرمل وانگر آهي، ۽ تنهنجي مٿي جا وار واڱڻائي رنگ جهڙا آهن؛ انهن جي زلفن ۾ بادشاهہ قيد ٿيو پيو آهي.


موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي.


موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي.


جيڪي ڀڳا سي حسبون جي پاڇي هيٺ ڪمزور ٿي بيهن ٿا: ڇالاءِ جو حسبون مان باهہ نڪتي آهي، ۽ سيحون مان شعلو، ۽ انهيءَ موآب جي ڪنڊن، ۽ فساد ڪندڙن جو ڪاپار ڳهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.


۽ اسرائيلين اهي سڀ شهر ورتا: ۽ اسرائيلي امورين جي سڀني شهرن ۾، يعني حسبون ۾ ۽ انهي جي آس پاس وارن ٻين شهرن ۾ رهي پيا.


انهي ڪري پهاڪا ٻڌائڻ وارا چوندا آهن تہ، اوهين حبسون ۾ اچو، ڀلي تہ سيحون جو شهر ٻڌجي ۽ قائم ٿئي:


يعني امورين جو بادشاهہ سيحون، جو حسبون ۾ رهندو هو، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، جو عستارات ۾ رهندو هو، تن کي جڏهن موسيٰ ادرعيءَ ۾ ماري ڇڏيو؛


۽ انهن جي سرحد عروعير کان شروع ٿي جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جي پاسي وارو سڄو ميدان؛


حسبون ۽ ان جا جيڪي شهر ميدان ۾ آهن؛ ديبون، ۽ باماٿ بعل، ۽ بيٿ بعل معون،


۽ انهن جي حد هئي يعزير ۽ جلعاد جا سڀ شهر، ۽ بني عمون جي اڌ زمين، عروعير تائين، جو ربہ جي سامهون آهي.


حسبون ٻهراڙيءَ سميت، يعزير، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.


جڏهن اسرائيلي حسبون ۽ ان جي شهرن ۾، عروعير ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ ارنون جي پاسي جيڪي شهر آهن، تن سڀني ۾ ٽن سؤ سالن تائين رهيا پيا هئا؛ تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اُهي اوهان هنن کان موٽائي نہ ورتا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ