Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 21:24 - Sindhi Bible

24 ۽ اسرائيلين هن کي ترار جي ڌار سان ماريو، ۽ ارنون کان وٺي يبوق تائين جتي بني امون جي سرحد آهي؛ اوستائين هن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون: ڇالاءِ جو بني امون جي سرحد مضبوط هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر بني اسرائيل انهن امورين کي جنگ ۾ ماري ختم ڪري ڇڏيو ۽ برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق تائين يعني بني عمون جي سرحد تائين هنن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون. هو اڳتي وڌي نہ سگھيا ڇو تہ بني عمون جي سرحد مضبوط هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 21:24
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو انهيءَ رات جو اُٿيو ۽ پنهنجيون ٻہ زالون، ۽ ٻہ ٻانهيون ۽ يارهن ٻار ساڻ ڪري يبوق جي تڙ کان پار لنگهيو.


تنهن کانسواءِ تو هنن کي بادشاهتون، ۽ قومون ڏنيون، جي تو هنن کي حصن موجب ورهائي ڏنيون: جنهنڪري هنن کي سيحون جو ملڪ، يعني حسبون جي بادشاهہ جو ملڪ، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو ملڪ، ورثي ۾ مليو.


امورين جي بادشاهہ سيحون کي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.


وري اتان روانا ٿي، ارنون نديءَ جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، هيءَ ارنون ندي امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي: ۽ امورين ۽ موآبين جي ملڪ جي وچ ۾ آهي، ۽ موآب جي سرحد آهي.


يعني امورين جو بادشاهہ سيحون، جو حسبون ۾ رهندو هو، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، جو عستارات ۾ رهندو هو، تن کي جڏهن موسيٰ ادرعيءَ ۾ ماري ڇڏيو؛


جڏهن اوهين هن هنڌ آيا، تڏهن حسبون جو بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، اسان جي برخلاف جنگ ڪرڻ آيا، ۽ اسان انهن کي ماريو:


۽ بني روبن، ۽ بني جد کي مون جلعاد کان وٺي ارنون جي ماٿريءَ تائين، يعني انهيءَ ماٿريءَ جي وچين ڀاڱي کي انهن جي سرحد مقرر ڪري يبوق ندي، جا عمونين جي سرحد آهي، انهيءَ تائين سارو ملڪ ڏنو؛


۽ خداوند انهن سان ائين ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج سان، ۽ انهن جي ساري ملڪ سان ڪيو هئائين؛ جن کي هن برباد ڪري ڇڏيو.


يردن جي هن ڀر بيت فغور جي ماٿريءَ ۾ چئي ٻڌايا؛ يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جو حسبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ماريو:


بسن ۾ عوج جي سڄي بادشاهت، جو رفائيم مان باقي بچيل هو، جو عستارات ۽ ادرعي ۾ بادشاهت ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو انهن کي موسيٰ ماري مات ڪري ڪڍي ڇڏيو هو.


۽ مون اوهان کي امورين جي زمين ۾ آندو، جي يردن جي هن ڀر رهندا هئا؛ ۽ اُهي اوهان سان وڙهيا: ۽ مون اُهي ئي اوهان جي هٿن ۾ ڏنا، ۽ اوهان هنن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي؛ ۽ مون انهن کي اوهان جي اڳيان چٽ ڪري ڇڏيو.


۽ جيڪي هن يردن جي هن ڀر وارن ٻنهي امورين جي بادشاهن سان ڪيو، يعني حسبون جي بادشاهہ سيحون سان، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان، جو عستارات ۾ هو.


۽ خداوند بني اسرائيل کي چيو تہ مون اوهان کي مصرين کان، ۽ امورين کان، ۽ بني عمون کان، ۽ فلستين کان ڪين بچايو ڇا؟


تڏهن بني عمون جي بادشاهہ افتاح جي ايلچين کي چيو تہ جڏهن اسرائيلي مصر مان نڪري، ارنون کان يبوق ۽ يردن تائين آيا، تڏهن انهن منهنجي زمين کسي ورتي هئي، تنهنڪري آءٌ وڙهان ٿو: سو هينئر صلح صلاح ۾ اُهي زمينون مون کي موٽائي ڏيو.


تڏهن هنن چيو تہ اسرائيل جي فرقن مان ڪهڙو آهي جو خداوند جي حضور ۾ نہ آيو؟ ۽ ڏسو يبيس جلعاد مان ڪوبہ جماعت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ لشڪرگاهہ ۾ نہ آيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ