تنهن کانسواءِ تو هنن کي بادشاهتون، ۽ قومون ڏنيون، جي تو هنن کي حصن موجب ورهائي ڏنيون: جنهنڪري هنن کي سيحون جو ملڪ، يعني حسبون جي بادشاهہ جو ملڪ، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو ملڪ، ورثي ۾ مليو.
يردن جي هن ڀر بيت فغور جي ماٿريءَ ۾ چئي ٻڌايا؛ يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جو حسبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ماريو:
هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن: