Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 21:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن اسرائيلين خداوند جي حضور ۾ هڪڙي مڃت مڃي، ۽ چيائون تہ جي تون سچ پچ هنن ماڻهن کي اسان جي هٿن ۾ گرفتار ڪرائيندين، تہ اسين هنن جا شهر بلڪل برباد ڪري ڇڏينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ هڪ باس باسي تہ ”جيڪڏهن تون سچ پچ هنن ماڻهن تي اسان کي فتح ڏيندين تہ اسين هنن جي شهرن جون پاڙون پٽي ڇڏينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 21:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي يعقوب هڪڙي مڃت مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن خدا مون ساڻ هوندو، ۽ جا واٽ آءٌ وڃان ٿو، تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندو، ۽ مون کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو رهندو،


آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو، خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


تہ ڪيئن هن خداوند جو قسم کنيو، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ مڃتا مڃيائين:


جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي.


تہ پوءِ تون ضرور انهي شهر جي رهاڪن کي ترار جي ڌار سان قتل ڪج، ۽ جيڪي انهي ۾ هجي سو سڀ، ۽ انهي جو چوپايو مال بہ ترار جي ڌار سان بلڪل تباهہ ڪري ڇڏج.


۽ تون انهي جو سمورو لٽ جو مال انهي جي چونڪ ۾ گڏ ڪج، ۽ شهر کي لٽ جي سموري مال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏج: اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو؛ ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.


پر هنن قومن جا شهر، جي خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ٿو ڏئي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏج:


۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪري، ۽ تون انهن کي شڪست ڏين؛ تڏهن تون انهن کي پوريءَ طرح نابود ڪج؛ تون انهن سان ڪو بہ عهد نہ ڪج، نڪي انهن تي رحم ڪج:


۽ شهر، ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند جي لاءِ بلڪل تباهہ ڪيو ويندو: رڳو راحب ڪسبياڻي، ۽ ٻيا جيڪي سندس گهر ۾ آهن، سي جيئرا بچندا؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد اسان موڪليا هئا تن کي هن لڪايو هو.


۽ يشوع انهي وقت قسم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ماڻهو اُٿي هي شهر يريحو وري ٻڌندو، سو خداوند جي اڳيان لعنتي ٿيندو؛ ۽ انهيءَ جي بنياد لاءِ پنهنجي پهرين ڄاول ٻار جي قرباني ڏيڻي پونديس، ۽ انهي جا دروازا پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ جي موت تي اڏيندو.


۽ افتاح خداوند جي اڳيان مڃتا مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون بني عمون کي منهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندين،


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ