Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 21:18 - Sindhi Bible

18 هي اهو کوهہ آهي، جو سردارن کوٽيو، جنهن کي اُمت جي اميرن شاهي حڪم سان، چوب ۽ پنهنجين لٺين سان بنايو. پوءِ هو بيابان مان ڪوچ ڪري متنہ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هي اهو کوهہ آهي جنهن کي سردارن کوٽيو آهي، قوم جي اميرن پنهنجي شاهي لٺين سان اهو کوٽيو آهي.“ پوءِ هو بيابان مان روانا ٿي انهيءَ هنڌ پهتا جنهن کي متاناہ چون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 21:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن الياسب سردار ڪاهن پنهنجي ڀائرن ڪاهنن سميت اُٿيو، ۽ انهن رڍن وارو دروازو جوڙيو؛ ۽ هنن انهيءَ کي پاڪ ڪيو، ۽ انهيءَ جا در کڙا ڪيائون؛ همياہ جي ٺلهہ، بلڪ حنن ايل جي ٺلهہ تائين انهيءَ کي پاڪ ڪيائون.


۽ انهن جي پاسي کان تقوعين مرمت جو ڪم ڪيو؛ پر انهن جي اميرن پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪم ۾ پنهنجا ڪنڌا نہ وڌا.


ڇالاءِ جو خداوند اسان جو منصف آهي، خداوند اسان جو شريعت ڏيندڙ آهي، ۽ خداوند اسان جو بادشاهہ آهي؛ اهو اسان کي بچائيندو.


تڏهن اسرائيلين هي گيت ڳايو: اڙي کوهہ پنهنجو چشمو کول؛ اوهين انهيءَ بابت گيت ڳايو:


۽ متنہ مان نحلي ايل ۾: ۽ نحلي ايل مان بامات ۾ آيا:


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


موسيٰ اسان کي هڪڙيءَ شريعت جو حڪم ڏنو، جا يعقوب جي جماعت لاءِ ميراث هئي.


پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ، ۽ آءٌ توکي اهي سڀ حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا ٻڌائيندس، جي تون انهن کي سيکارج، انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪن.


شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني اُهو جو بچائي ۽ ماري ٿو سگهي. پر تون ڪير آهين جو پنهنجي پاڙيسريءَ تي الزام ٿو آڻين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ