Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 21:16 - Sindhi Bible

16 وري انهن اتان ڪوچ ڪيو ۽ بير وٽ آيا: هي اهو کوهہ آهي، جتي خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن کي گڏ ڪر تہ آءٌ کين پاڻي ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 وري هو اتان هلي انهيءَ هنڌ آيا جنهن کي بير يعني کوهہ چيو ويندو هو. اتي ئي خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”ماڻهن کي گڏ ڪر تہ آءٌ کين پاڻي ڏيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 21:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا هن جون اکيون کوليون ۽ هن پاڻيءَ جو هڪڙو کوهہ ڏٺو، ۽ وڃي پنهنجي مشڪ پاڻيءَ سان ڀري آڻي ڇوڪر کي پياريائين.


۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو.


تنهن ڪري خوشيءَ سان اوهين نجات جي کوهن مان پاڻي ڪڍندا.


ڇالاءِ جو موآب جي سرحدن جي چوڌاري رڙ پئجي ويئي آهي؛ انهيءَ جي واويلا اجلائم ۽ بيرايليم تائين پهچي وئي آهي.


جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


لٺ کڻ، ۽ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون جماعت کي گڏ ڪري، هنن جي روبرو ٽڪر کي چئو تہ اهو پنهنجو پاڻي ڏي؛ تون انهي ٽڪر مان هنن جي لاءِ پاڻي ڪڍندين: انهيءَ طرح تون جماعت ۽ سندن چوپائي مال کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيندين.


وري ديبون جد مان ڪوچ ڪري، علمون دبلہ تايم ۾ اچي منزل ڪيائون.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


۽ هن مون کي چيو تہ اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن، ڇالاءِ جو آئون الفا ۽ اوميگا، اول ۽ آخر آهيان. جيڪو اُڃايل آهي تنهن کي آبِ حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.


۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


پوءِ يوتام اُٿي ڀڳو، ۽ بير ڏانهن ويو، ۽ پنهنجي ڀاءُ ابيملڪ جي ڊپ کان اُتي وڃي رهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ