Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 21:13 - Sindhi Bible

13 وري اتان روانا ٿي، ارنون نديءَ جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، هيءَ ارنون ندي امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي: ۽ امورين ۽ موآبين جي ملڪ جي وچ ۾ آهي، ۽ موآب جي سرحد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 وري اتان روانا ٿي ارنون نالي برساتي نهر جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، جيڪا امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي. برساتي نهر ارنون امورين ۽ موآبين جي وچ ۾ آهي ۽ موآب جي سرحد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 21:13
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو موآب جون نديون ارنون جي لانگهن وٽ اهڙيون ٿينديون جهڙا گهمندڙ پکي، ۽ جهڙو پکيڙي ڇڏيل آکيرو.


موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي.


انهي ڪري خداوند جي جنگ نامي ۾ هيئن چيل آهي تہ، واهيب جو سوفہ ۾ آهي، ۽ ارنون جون ماٿريون.


۽ جڏهن بلق ٻڌو تہ بلعام آيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب جي انهي شهر تائين ويو، جو ارنون جي حد تي، هن جي سرحد جي ڏورانهين ڀاڱي ۾ آهي.


هاڻي اُٿو، ۽ زرد نهر جي پار وڃو. سو اسين زرد نهر جي پار وياسين.


عار جو شهر، جو موآب جي سرحد تي آهي، اتان تون اڄ لنگهي وڃ:


هاڻي اوهين اٿي ڪوچ ڪريو، ۽ ارنون جي ماٿري لنگهي پار وڃو: ڏسو، مون حسبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي، سندس ملڪ سميت تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي: سو انهي تي قبضو ڪر، ۽ انهي سان جنگ شروع ڪر.


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگهي، ۽ ادوم جي ملڪ ۾ موآب جي ملڪ کان ڦري ڪري، موآب جي ملڪ جي اُڀرندي پاسي کان آيا، ۽ ارنون جي هن ڀر اچي تنبو هنيائون؛ پر هو موآب جي سرحد اندر نہ آيا؛ ڇالاءِ جو ارنون موآب جي سرحد هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ