Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 21:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي عراد جو بادشاهہ، جو ڪنعاني هو، ۽ ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ اسرائيلي اٿاريم جي رستي آيا آهن؛ تڏهن هو اسرائيلين سان وڙهيو، ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عراد شهر جو ڪنعاني بادشاهہ جيڪو ڪنعان جي ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل اٿاريم واري رستي اچي رهيا آهن، تڏهن هن مٿن حملو ڪيو ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪري وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 21:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتان اڳتي وڌي ڏکڻ ڏانهن ويو.


پوءِ عماليقي ۽ ڪنعاني جي انهيءَ جبل تي رهندا هئا، سي هيٺ لهي آيا، ۽ حرمہ تائين انهن کي ماريندا آيا.


۽ عراد جو ڪنعاني بادشاهہ، جو ڪنعان ملڪ جي ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن بني اسرائيل جي اچڻ جو ٻڌو.


تڏهن سيحون پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، ۽ يهض ۾ اچي جنگ ڪيائين.


حرمہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عراد جو بادشاهہ، هڪڙو؛


۽ عئي جي ماڻهن هنن منجهان اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌا: ڇالاءِ جو هو شهر جي دروازي کان وٺي شبريم تائين انهن جي پٺيان پيا، ۽ هيٺ لهندي انهن کي ماريائون: انهي ڪري ماڻهن جون دليون پگهرجي پاڻي پاڻي ٿي ويون.


۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ