Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 20:28 - Sindhi Bible

28 ۽ موسيٰ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪيا؛ ۽ هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي: ۽ موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 موسيٰ هارون جي ڪهانت واري پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پارائي. هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي. پوءِ جڏهن موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 20:28
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود اسرائيلين جي سڀني سردارن کي بہ پنهنجي پٽ سليمان بابت حڪم ڏيئي چيو تہ،


اهي هارون ۽ سندس پٽن لاءِ، بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ، سندن حق ٿيندو؛ ڇالاءِ جو اها کڻڻ واري قرباني آهي، ۽ بني اسرائيل جي طرفان سندن سلامتيءَ جي قربانين مان، خداوند جي لاءِ چاڙهيل آهي.


هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا.


پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي؛ ۽ ماڻهو قادس ۾ رهي پيا؛ ۽ مريم اتي وفات ڪئي، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي.


۽ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪاءِ: ۽ هارون اتي مرندو ۽ وڃي پنهنجن وڏن سان گڏبو.


سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب ڪيو: ۽ هو ساري جماعت جي ڏسندي هور جبل تي چڙهي ويا.


۽ انهي ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ، تون پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر، پنهنجي وڏن سان وڃي گڏبين:


۽ حشمونہ مان روانا ٿي، موسيروت ۾ اچي تنبو کوڙيائون.


(پوءِ بني اسرائيل بيروت بني يعقان کان روانا ٿي موسيرہ ۾ آيا: اتي هارون وفات ڪئي، ۽ هن کي اتي ئي دفن ڪيو ويو؛ ۽ سندس پٽ اليعزر سندس جاءِ تي ڪهانت جي عهدي تي خدمت ڪرڻ لڳو.


سو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، خداوند جي حڪم موجب، موآب جي ملڪ ۾ وفات ڪئي.


۽ نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو؛ ڇالاءِ جو موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا: ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو تنهن موجب بني اسرائيل هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا.


۽ هارون جي پٽ اليعزر بہ وفات ڪئي؛ ۽ انهيءَ کي بہ سندس پٽ فينحاس جي ٽڪر ۾ دفن ڪيائون، جو ٽڪر هن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾ مليو هو.


۽ آئون اها ئي ڪوشش ڪندس تہ منهنجي لاڏاڻي کانپوءِ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ