Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 20:24 - Sindhi Bible

24 هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ”هارون وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو. سو جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ هو داخل نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ مريباہ جي چشمي وٽ اوهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ڪم ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 20:24
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر تون آرام سان پنهنجن ابن ڏاڏن ڏانهن ويندين، تون تمام وڏيءَ ڄمار ۾ دفن ٿيندين.


اسماعيل جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي: پوءِ هن ساهہ ڏنو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.


پوءِ ابرهام ساهہ ڏنو. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏيءَ ڄمار ۾ مئو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.


تڏهن اسحاق ساهہ ڏنو ۽ مري ويو. هو ٻڍو ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي وڃي پنهنجن ۾ گڏيو، ۽ سندس پٽن عيسوءَ ۽ يعقوب کيس دفن ڪيو.


۽ هن کين تاڪيد ڪري چيو تہ هاڻي آءٌ وڃي پنهنجن ۾ گڏبس: مون کي منهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو، جيڪو عفرون حتيءَ جي ٻنيءَ ۾ آهي.


جڏهن يعقوب پنهنجن پٽن کي وصيت ڪري رهيو، تڏهن هن پنهنجون ٽنگون هنڌ ۾ ڊگهيريون ۽ ساهہ ڏنائين، ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.


ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيندس ۽ تون پنهنجي قبر ۾ آرام سان وڃي پهچندين، ۽ جيڪا خرابي آءٌ هن هنڌ تي ۽ اتي جي رهاڪن تي آڻيندس، سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. ۽ هنن اها خبر موٽي بادشاهہ کي آڻي ڏني.


هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟


۽ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪاءِ: ۽ هارون اتي مرندو ۽ وڃي پنهنجن وڏن سان گڏبو.


ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن خراب هنڌ آندو آهي؟ هيءَ زمين پوک جي يا انجيرن، يا ڊاک جي، يا ڏاڙهن جي لائق آهي ڇا؟ هتي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ڪونهي.


۽ انهي ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ، تون پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر، پنهنجي وڏن سان وڃي گڏبين:


مديان جي ماڻهن کان بني اسرائيل جو وير وٺ: تنهن کان پوءِ تون پنهنجي قوم سان وڃي گڏبين.


بني جيرسون جو خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ جو سمورو ڪم، هارون ۽ سندس پٽن جي حڪم موجب ٿئي: ۽ جيڪو بار هنن کي کڻڻو هجي، سو اوهين مقرر ڪري انهن جي ذمي ڏجو.


۽ جنهن جبل تي تون چڙهين ٿو انهي تي تون وفات ڪندين، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين؛ جهڙيءَ طرح ڪ تنهنجو ڀاءُ هارون حور جبل تي مئو، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو:


لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛


۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏنو آهي، ۽ اوهان جو ڊپ اسان تي غالب ٿيو آهي، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان جي هيبت کان ساڻا ٿي پيا آهن.


۽ ٻيا سڀ انهيءَ پيڙهيءَ وارا بہ وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيا: ۽ انهن کان پوءِ ٻي پيڙهي اُٿي، جي نڪي خداوند کي سڃاڻندا هئا، ۽ نڪي جيڪي ڪم هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا، تن کان واقف هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ