22 پوءِ اهي قادس مان روانا ٿيا: ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت هور جبل وٽ آئي.
22 بني اسرائيل قادش مان روانا ٿي هور جبل وٽ اچي پهتا.
۽ ڏکڻ واري حد ڏکڻ ڏانهن تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين. اها آهي ڏکڻ ڏانهن ڏکڻ واري حد.
۽ جد جي سرحد جي ڀرسان، ڏکڻ ڏانهن، ڏکڻ واري پاسي، تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين سرحد ٿيندي.
پوءِ هو فاران جي بيابان ۾ قادس منجهہ، موسيٰ ۽ هارون ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت وٽ آيا، ۽ اچي حال احوال ڏنائون، ۽ انهيءَ زمين جو ميوو ڏيکاريائون.
پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي؛ ۽ ماڻهو قادس ۾ رهي پيا؛ ۽ مريم اتي وفات ڪئي، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي.
پوءِ موسيٰ قادس مان ادوم جي بادشاهہ کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ تنهنجو ڀاءُ اسرائيل هيئن ٿو چوي، تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي توکي خبر آهي:
پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:
پوءِ اهي هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا، انهي لاءِ تہ ادوم جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگهي وڃن: پر اهي ماڻهو انهي ڊگهي رستي جي ڪري دل شڪستہ ٿي پيا.
۽ اوهان جي اُتر واري سرحد: وڏي سمنڊ کان وٺي حور جبل تائين رکجو.
سو اوهين ڪيترائي ڏينهن قادس ۾ رهيا، يعني ڳچ مدت تائين.