Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 20:21 - Sindhi Bible

21 انهيءَ طرح ادوم جي بادشاهہ اسرائيل کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ کان منع ڪئي: تنهنڪري اسرائيلي هن کان ڦري ٻئي پاسي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جيئن تہ ادوم جي بادشاهہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ نہ ڏنو، تنهنڪري هو اتان ڦري ٻئي رستي سان ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 20:21
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي ڏس، بني عمون ۽ موآب ۽ شعير جبل، جن تي بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان نڪرڻ مهل تو ڪاهہ ڪرڻ نہ ڏني بلڪ هو انهن کان ڦري ويا، ۽ انهن کي ناس نہ ڪيائون؛


پر سيحون اسرائيلين کي پنهنجي حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: پر سيحون پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري، اسرائيلين جي مقابلي لاءِ بيابان ۾ آيو، ۽ يهض ۾ اچي اسرائيلين سان جنگ ڪيائين.


پوءِ اهي هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا، انهي لاءِ تہ ادوم جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگهي وڃن: پر اهي ماڻهو انهي ڊگهي رستي جي ڪري دل شڪستہ ٿي پيا.


مون کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: آءٌ سڙڪ ئي سڙڪ ڏيئي هليو ويندس؛ آءٌ نڪي ساڄي پاسي ڦرندس، نڪي کٻي پاسي.


جهڙيءَ طرح شعير ۾ رهندڙ بني عيسو، ۽ عار ۾ رهندڙ موآبين مون سان ڪيو؛ جيسين آءٌ يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃان جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ڏنو آهي.


تون ڪنهن ادوميءَ سان نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجو ڀاءُ آهي: تون ڪنهن مصريءَ سان بہ نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو تون انهي جي ملڪ ۾ مسافر هئين.


تڏهن اسرائيلين ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچي موڪلي چيو تہ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي پنهنجي زمين مان لنگهڻ ڏي: پر ادوم جي بادشاهہ هنن جي ڳالهہ نہ مڃي، ۽ ساڳيءَ طرح هنن موآب جي بادشاهہ ڏانهن بہ پيغام موڪليو پر هن بہ ڳالهہ نہ مڃي: ۽ اسرائيلي قادس ۾ رهجي پيا.


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگهي، ۽ ادوم جي ملڪ ۾ موآب جي ملڪ کان ڦري ڪري، موآب جي ملڪ جي اُڀرندي پاسي کان آيا، ۽ ارنون جي هن ڀر اچي تنبو هنيائون؛ پر هو موآب جي سرحد اندر نہ آيا؛ ڇالاءِ جو ارنون موآب جي سرحد هئي.


جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ