Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 20:20 - Sindhi Bible

20 تنهن تي هن چيو، تہ هرگز متان لنگهين. پوءِ ادوم جو بادشاهہ گهڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي هن تي ڪاهي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 هن ٻيهر بہ چوائي موڪليو تہ ”هرگز اتان نہ لنگھجو.“ پوءِ ادوم جو بادشاهہ گھڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي بني اسرائيل تي ڪاهي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 20:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسو يعقوب سان حسد ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سندس پيءُ هن کي برڪت ڏني هئي، ۽ عيسوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ منهنجي پيءُ جي لاءِ ماتم ڪرڻ جو وقت ويجهو آهي، پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.


پوءِ قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا ۽ چيائون تہ اسين تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين، ۽ هو پاڻ چار سؤ ماڻهو ساڻ ڪري توکي گڏجڻ لاءِ ٿو اچي.


آءٌ تہ صلح جو ڪوڏيو آهيان: پر جڏهن آءٌ ڳالهايان ٿو، تہ اهي وڙهڻ ٿا اچن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان پنهنجي ڀاءُ جي پٺيان پيو، ۽ رحم کي اُڇلائي ڇڏيائين: ۽ سندن ڪاوڙ هميشہ پئي ڦاڙيو، ۽ هن پنهنجو غصو هميشہ لاءِ رکي ڇڏيو:


پر ادوم جي بادشاهہ هن کي چيو تہ تون منهنجي ملڪ مان متان لنگهين، نہ تہ آءٌ ترار کڻي تنهنجي مقابلي لاءِ نڪرندس.


انهيءَ طرح ادوم جي بادشاهہ اسرائيل کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ کان منع ڪئي: تنهنڪري اسرائيلي هن کان ڦري ٻئي پاسي ويا.


تڏهن اسرائيلين ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچي موڪلي چيو تہ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي پنهنجي زمين مان لنگهڻ ڏي: پر ادوم جي بادشاهہ هنن جي ڳالهہ نہ مڃي، ۽ ساڳيءَ طرح هنن موآب جي بادشاهہ ڏانهن بہ پيغام موڪليو پر هن بہ ڳالهہ نہ مڃي: ۽ اسرائيلي قادس ۾ رهجي پيا.


پر سيحون جو اسرائيلين تي ايترو ڀروسو نہ ٿيو جو پنهنجي حد مان انهن کي لنگهڻ ڏئي: اُٽلندو سيحون پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ يهض ۾ منزل ڪري اسرائيلين سان وڙهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ