مون بني اسرائيل جي شڪايت ٻڌي آهي؛ هنن کي چئُہ تہ اوهين شام جي وقت گوشت کائيندا، ۽ صبح جو اوهان کي ڍؤ تي ماني ملندي؛ ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
۽ صبح جو اوهين خداوند جو جلال ڏسندا، ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو، سي هن ٻڌيون آهن: اسين ڪير آهيون جن جي برخلاف اوهين ڪُر ڪُر ٿا ڪريو؟