Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 20:17 - Sindhi Bible

17 آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: اسين ٻنين يا ڊاک جي منهہ مان نہ لنگهنداسين، نڪي اسين کوهن جو پاڻي پيئنداسين: اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، ۽ جيستائين اسين تنهنجيءَ سرحد کان ٻاهر وينداسين، تيستائين اسين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نڪي کٻي پاسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 سو مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ جي اجازت ڏيو. اسين ٻنيءَ يا انگورن جي باغ مان نہ لنگھنداسين ۽ نہ ئي وري ڪنهن کوهہ مان پاڻي پيئنداسين. اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين. جيستائين اسين اوهان جي سرحد کان ٻاهر نڪري نہ وڃون تيستائين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نہ کاٻي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 20:17
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي ڏس، بني عمون ۽ موآب ۽ شعير جبل، جن تي بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان نڪرڻ مهل تو ڪاهہ ڪرڻ نہ ڏني بلڪ هو انهن کان ڦري ويا، ۽ انهن کي ناس نہ ڪيائون؛


هاڻي عراد جو بادشاهہ، جو ڪنعاني هو، ۽ ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ اسرائيلي اٿاريم جي رستي آيا آهن؛ تڏهن هو اسرائيلين سان وڙهيو، ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪيائين.


مون کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: آءٌ سڙڪ ئي سڙڪ ڏيئي هليو ويندس؛ آءٌ نڪي ساڄي پاسي ڦرندس، نڪي کٻي پاسي.


آءٌ کائڻ لاءِ کاڌو بہ توکان پئسا ڏيئي وٺندس، ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ توکان پئسا ڏيئي وٺندس: رڳو مون کي پنهنجي پيرين لنگهي وڃڻ ڏي؛


جهڙيءَ طرح شعير ۾ رهندڙ بني عيسو، ۽ عار ۾ رهندڙ موآبين مون سان ڪيو؛ جيسين آءٌ يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃان جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ