Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 20:15 - Sindhi Bible

15 تہ ڪهڙيءَ طرح اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا، ۽ اسين گهڻيءَ مدت تائين مصر ۾ رهياسين؛ ۽ مصرين اسان سان، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب هلت ڪئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا ۽ اسين ڪيترائي سال اتي رهياسين. مصرين اتي اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب سلوڪ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 20:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.


۽ هنن پنهنجو چوپايو مال، ۽ ٻيو سامان، جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کنيو، ۽ يعقوب پنهنجي سموري اولاد سان گڏ مصر ۾ آيو.


هن پنهنجا پٽ، ڌيون، پوٽا، پوٽيون ۽ پنهنجو سڀ اولاد پاڻ سان گڏ مصر ۾ آندو.


۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو تہ اهو ٻار مري ويو. ۽ دائود جا نوڪر کيس ٻار جي مرڻ جي خبر ٻڌائڻ کان ڊنا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ ڏس، جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو تڏهن جي اسين ساڻس ڳالهائيندا هئاسين، تہ هو اسان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو هو: سو جي هاڻي اسين چونداسين تہ تنهنجو ٻار مري ويو آهي تہ ڪهڙو نہ رنج ٿيندس.


۽ کين حڪم ڏيئي چيائين تہ جڏهن اوهين عبراني زالن کي ويم ڪرايو، تڏهن ويم جي هنڌ تي نگاهہ رکجو، جي پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو، ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.


پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.


هاڻي بني اسرائيل مصر ۾ چار سؤ ٽيهہ ورهيہ رهيا هئا.


۽ جن عملدارن کي فرعون جي مقدمن بني اسرائيل جي مٿان مقرر ڪيو هو، تن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ڇو اوهان سرن جوڙڻ جو ڪم، ڪالهہ ۽ اڄ ايترو نہ ڪيو آهي، جيترو اڳي ڪندا هئا؟


اسان کي اها مڇي ياد ٿي اچي، جا اسين مصر ۾ مفت کائيندا هئاسين، ۽ اتي جا ونگا، ۽ گدرا، ۽ تازو ۽ سڪو بصر، ۽ ٿوم، اهي سڀ اسان کي ياد ٿا پون:


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟


پوءِ موسيٰ قادس مان ادوم جي بادشاهہ کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ تنهنجو ڀاءُ اسرائيل هيئن ٿو چوي، تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي توکي خبر آهي:


پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:


سو يعقوب مصر ۾ ويو؛ اُتي هو پاڻ ۽ اسان جا ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا؛


تنهن اسان جي قوم سان ڊوهہ ڪري، اسان جي ابن ڏاڏن سان اهڙي بري هلت ڪئي، جو هنن کي پنهنجا ٻار ٻاهر اُڇلائي ڇڏڻا پيا، تہ جيئرا نہ رهن.


۽ مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي، ۽ اسان کي ڏک ڏنائون، ۽ اسان کان سخت غلامي ڪرايائون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ